ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي پنجابي ڳائڻي سچو موسيوالا جي قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ڪندي سندس قاتل کي هٿيار فراهم ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب آمريڪي رياست ڪيليفورنيا ۾ هٿيارن جي گهربل عالمي ڊيلر ڌرمن جوت سنگهه ڪاهلون کي پوليس حراست ۾ ورتو آهي.واضح رهي ته هٿيارن جو ڊيلر سچو موسوالا قتل جي ماسٽر مائينڊ گولڊي برار ۽ لارنس بشنوئي سان ويجها لاڳاپا آهن.واضح رهي ته گولڊي برار ڪئناڊا ۾ جڏهن ته بشنوئي بٿنڊا سينٽرل جيل ۾ قيد آهي. ميڊيا ذريعن موجب ڌرمن جوت سنگهه ڪاهلون گولڊي برار کي اهي هٿيار فراهم ڪيا جيڪي مبينا طور تي سدو موسي والا جي قتل ۾ استعمال ٿيا هئا.ياد رهي ته 28 سالن جي ڀارتي پنجابي ڳائڻي ۽ سياسي ڪارڪن سدو موسيوالا کي گذريل سال 29 مئي تي پنجاب جي شهر مانسا ۾ فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو هو، جنهن کان هڪ ڏينهن اڳ رياستي حڪومت سندس سيڪيورٽي ۾ گهٽتائي ڪئي هئي.سڪيورٽي ادارن جي ذريعن موجب ڀارتي حڪومت هٿيارن جي ڊيلر ڌرمن جوت سنگهه ڪاهلون جي حوالگي بابت ايف بي آءِ سان جلد رابطو ڪندي. واضح رهي ته هٿيار ڊيلر ڌرمن جوت سنگهه ڪاهلون جو تعلق پنجاب جي علائقي امرتسر سان آهي ۽ مٿس اي ڪي 47 رائفلز ۽ ٻيا جديد هٿيار اسمگل ڪرڻ جو الزام آهي.
