موسمياتي تبديلي جي دور ۾ اسان جي تياري ڪيتري؟

موسمياتي تبديلي جي دور ۾ اسان جي تياري ڪيتري؟

غلام مصطفيٰ جمالي
مون سون جون برساتون پاڪستان لاءِ هميشه خوشحالي، سونهن ۽ زرعي ترقيءَ جي علامت رهيون آهن. آبادگار سڄو سال انهن برساتن جا منتظر هوندا آهن، ڇو ته اهي فصلن کي سيراب ڪن ٿيون، زمين هيٺان پاڻيءَ جي سطح بهتر ڪن ٿيون ۽ ماحول کي تازگي بخشين ٿيون. پر گذريل ڪجهه سالن کان اهي ئي برساتون رحمت سان گڏ آزمائش جو روپ به اختيار ڪري چڪيون آهن. غيرمعمولي موسمي تبديلي، ناقص شهري منصوبابندي، ڪمزور بنيادي ڍانچي ۽ احتياطي انتظامن جي کوٽ سبب هر مون سون دوران قيمتي انساني جانيون ضايع ٿين ٿيون، هزارين خاندان متاثر ٿين ٿا ۽ قومي معيشت کي اربين رپين جو نقصان برداشت ڪرڻو پوي ٿو.

هاڻوڪين برساتن هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ جي مختلف علائقن ۾ تباهي جا منظر پيش ڪيا آهن. شديد برساتن، ٻوڏ جهڙي صورتحال، آسماني وڄ ڪرڻ ۽ گهرن جون ڇتيون ۽ ڀتيون ڪرڻ جي مختلف واقعن ۾ گهٽ ۾ گهٽ چوڏهن ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿيا. سوات جي سيف الله ڍنڍ ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب هڪ ئي خاندان جا ڪيترائي فرد فوت ٿي ويا. اٽڪ ۾ ڀت ۽ ڇت ڪرڻ سبب ٽي ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، لنڊي ڪوٽل ۾ آسماني وڄ ڪرڻ سبب معصوم ٻار فوت ٿي ويا، جڏهن ته مردان، ايبٽ آباد، ژوب، دير بالا ۽ ٻين علائقن مان پڻ جاني ۽ مالي نقصان جون خبرون سامهون آيون. اهي صرف انگ اکر ناهن، پر اهڙن خاندانن جا درد آهن، جن جون خوشيون پل ڀر ۾ ماتم ۾ تبديل ٿي ويون.

اسلام آباد، راولپنڊي، لاهور، گجرات، گوجرانوالا، هري پور، ايبٽ آباد، صوابي، خضدار، ژوب، ڪوهلو ۽ ڪراچي سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ تيز برسات سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، ڪيترن هنڌن تي بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي، رستا تلائن جو منظر پيش ڪرڻ لڳا ۽ روزمره جي زندگي سخت متاثر ٿي. اها صورتحال واضح ڪري ٿي ته اسان جا ڪيترائي شهر اڃا تائين شديد برساتن کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار ناهن.

حقيقت اها آهي ته موسمياتي تبديلي هاڻي مستقبل جو خطرو نه، پر اڄ جي حقيقت بڻجي چڪي آهي. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ موسم جا انداز تيزيءَ سان بدلجي رهيا آهن. ڪٿي غيرمعمولي گرمي، ڪٿي خشڪ سالي، ڪٿي جهنگلي باهيون ۽ ڪٿي رڪارڊ برساتون معمول بڻجي رهيون آهن. پاڪستان عالمي ڪاربن اخراج ۾ تمام گهٽ حصو رکي ٿو، پر ان جي باوجود موسمياتي تبديلي جا سڀ کان وڌيڪ اثر برداشت ڪندڙ ملڪن مان هڪ آهي. ان ڪري هر سال برساتن جي شدت ۽ غير متوقع موسم نوان چئلينج پيدا ڪري رهيا آهن.

سال 2022ع جي تباهه ڪندڙ ٻوڏ جا منظر اڄ به قوم جي ذهنن ۾ تازا آهن، جڏهن ملڪ جو وڏو حصو پاڻي هيٺ اچي ويو، لکين گهر تباهه ٿيا، ڪروڙين ماڻهو متاثر ٿيا ۽ قومي معيشت کي اربين ڊالرن جو نقصان پهتو. ان سانحي کان پوءِ اميد ڪئي پئي وئي ته مستقبل لاءِ مضبوط منصوبابندي ڪئي ويندي، پر هاڻوڪا واقعا ظاهر ڪن ٿا ته اڃا به گهڻو ڪم ڪرڻو پوندو.شهرن ۾ نيڪالِ آب جو ناقص نظام سڀ کان وڏو مسئلو بڻيل آهي. ٿوري دير جي تيز برسات کان پوءِ ئي رستا ۽ بازارون پاڻي هيٺ اچي وڃن ٿيون، ٽرئفڪ جام معمول بڻجي وڃي ٿو ۽ شهرين کي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ڪيترن ئي علائقن ۾ مينهن جو پاڻي ڪلاڪن بدران ڏينهن تائين بيٺل رهي ٿو، جنهن سبب ڪاروباري سرگرميون متاثر ٿين ٿيون، اسڪول بند ڪرڻا پون ٿا ۽ ماڻهن جي روزاني زندگي مفلوج ٿي وڃي ٿي. ان جو وڏو سبب نالن جي بروقت صفائي نه ٿيڻ، غيرقانوني قبضا، ناقص سيوريج نظام ۽ بي ترتيب شهري آبادي آهي. جيڪڏهن شهري منصوبابندي جديد ضرورتن مطابق ڪئي وڃي ۽ نيڪالِ آب جي نظام کي مضبوط بڻايو وڃي ته اهڙين تڪليفن کي گهڻي حد تائين گهٽائي سگهجي ٿو.

ڳوٺاڻن علائقن ۾ صورتحال ان کان به وڌيڪ ڏکوئيندڙ هوندي آهي. تيز برساتن سبب بيٺل فصل تباهه ٿي وڃن ٿا، مال متاع لڙهي وڃي ٿو، ڳوٺن جو شهرن سان زميني رابطو ختم ٿي وڃي ٿو ۽ هارين جي سڄي سال جي محنت اک ڇنڀ ۾ ضايع ٿي وڃي ٿي. پاڪستان جي معيشت جو وڏو حصو زراعت سان لاڳاپيل آهي، تنهنڪري برساتن ۽ ٻوڏن سبب ٿيندڙ نقصان رڳو آبادگارن جو نه، پر سڄي قومي معيشت جو نقصان هوندو آهي.

قومي آفتن کي منهن ڏيڻ وارو ادارو (اين ڊي ايم اي) ۽ صوبائي ادارا وقت بوقت ممڪن ٻوڏ، گليشيئر ڍنڍن جي ڦاٽڻ ۽ جبلائي نئين ۾ چاڙهه بابت الرٽ جاري ڪندا رهن ٿا، جيڪو هڪ سٺو قدم آهي. پر رڳو الرٽ جاري ڪرڻ ڪافي ناهي، انهن تي مؤثر عملدرآمد به لازمي آهي. ضلعي انتظاميا، ريسڪيو ادارن، صحت کاتن ۽ مقامي انتظاميه وچ ۾ بهتر رابطي سان ئي جاني نقصان کي گهٽائي سگهجي ٿو.

سياحتي ماڳن تي حفاظتي انتظام وڌيڪ سخت ڪرڻ جي ضرورت آهي. هر سال ڪيترائي سياح دريائن، ڍنڍن ۽ برساتي نئين جي ڪنارن تي لاپرواهي جو مظاهرو ڪن ٿا، جنهن جو نتيجو المناڪ حادثن جي صورت ۾ نڪري ٿو. لاڳاپيل ادارن کي گهرجي ته خطري وارن هنڌن تي واضح خبرداري وارا بورڊ لڳايا وڃن، حفاظتي باڙ لڳائي وڃي، تربيت يافته عملي کي مقرر ڪيو وڃي ۽ خراب موسم دوران غيرضروري سياحت تي پابندي لڳائي وڃي.

قدرتي آفتن کي مڪمل طور روڪڻ ممڪن ناهي، پر انهن سبب ٿيندڙ نقصان کي ضرور گهٽائي سگهجي ٿو. ان لاءِ حڪومت، ادارن ۽ عوام کي گڏجي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. دنيا جا ڪيترائي ترقي يافته ملڪ به شديد برساتن کي منهن ڏين ٿا، پر اڳواٽ منصوبابندي، جديد ٽيڪنالاجي ۽ مضبوط انتظامي نظام سبب اتي جاني نقصان تمام گهٽ ٿيندو آهي. پاڪستان کي به اهڙي رستي تي هلڻو پوندو.عوام جي ذميواري به انتهائي اهم آهي. موسم بابت جاري ڪيل اڳواٽ خبردارين کي سنجيدگي سان وٺڻ، تيز برسات دوران غيرضروري سفر کان پاسو ڪرڻ، ٻارن کي برساتي نئن، دريائن ۽ ڍنڍن جي ويجهو وڃڻ کان روڪڻ، ڪمزور عمارتن ۾ رهڻ کان احتياط ڪرڻ ۽ ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ ريسڪيو ادارن سان مڪمل سهڪار ڪرڻ هر شهري جو فرض آهي. ڪيترائي حادثا صرف ٿوري احتياط سان روڪي سگهجن ٿا.

ساڳئي وقت حڪومت تي به اها ذميواري عائد ٿئي ٿي ته برساتن جي موسم شروع ٿيڻ کان اڳ نالن جي صفائي، بندن ۽ ڊيمَن جي جاچ، نيڪالِ آب جي نظام جي بهتري، جديد موسمي اڳڪٿي واري نظام، هنگامي امدادي مرڪزن ۽ ريسڪيو ادارن جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ سنجيده قدم کنيا وڃن. موسمياتي تبديلي جي خطرن کي نظر ۾ رکندي قومي سطح تي ڊگهي مدي واري پاليسي جوڙڻ وقت جي اهم ضرورت بڻجي چڪي آهي.

ماحولياتي تحفظ تي به خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. وڻن جي بي دريغ واڍي، دريائن ۽ نالن تي غيرقانوني قبضا، شهري آباديءَ جي بي ترتيب واڌ ۽ ماحولياتي قانونن تي ڪمزور عملدرآمد به قدرتي آفتن جي شدت وڌائڻ جا اهم سبب آهن. جيڪڏهن اسان ماحول کي محفوظ بڻائڻ لاءِ اڄ کان سنجيده قدم نه کنيا ته ايندڙ نسلن کي ان جا وڌيڪ سنگين نتيجا ڀوڳڻا پوندا.

ميڊيا، تعليمي ادارن، سماجي تنظيمن ۽ مذهبي اڳواڻن کي به عوام ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، جيئن ماڻهو قدرتي آفتن دوران احتياط، ذميواري ۽ اجتماعي سهڪار جي اهميت کي سمجهي سگهن. آفتن سان مقابلو صرف حڪومتي ادارن جو ڪم نه، پر سڄي سماج جي گڏيل ذميواري آهي.

اسان کي اهو به سمجهڻ گهرجي ته قدرتي آفتن کان مڪمل بچاءُ ممڪن ناهي، پر سٺي منصوبابندي، مضبوط ادارن، جديد ٽيڪنالاجي، بروقت خبردارين ۽ ذميوار شهري روين سان انهن جي نقصان کي وڏي حد تائين گهٽائي سگهجي ٿو. جيڪڏهن اڄ به اسان ماضي مان سبق نه سکيو ته هر ايندڙ مون سون نيون تڪليفون، نوان نقصان ۽ نوان سانحا کڻي ايندو.

برسات الله تعاليٰ جي وڏي نعمت آهي. اها زمين کي زندگي ڏئي ٿي، فصلن کي سرسبز بڻائي ٿي ۽ پاڻي جي ذخيرن کي ڀري ٿي. پر جڏهن غفلت، ناقص منصوبابندي ۽ لاپرواهي ان سان گڏ شامل ٿي وڃن ته اها نعمت آزمائش ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي. وقت جو تقاضو آهي ته حڪومت، لاڳاپيل ادارا، ماهر، ميڊيا ۽ عوام گڏجي اهڙي حڪمت عملي اختيار ڪن، جنهن سان برسات هميشه رحمت بڻيل رهي، نه ڪي هر سال سوڳ ۽ تباهي جو سبب. هڪ محفوظ، باخبر ۽ تيار پاڪستان ئي موسمياتي تبديلي جي چئلينجن کي منهن ڏئي سگهي ٿو، ۽ اهو مقصد صرف گڏيل قومي عزم سان ئي حاصل ٿي سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو