’موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءَ گرين هائوسنگ لازمي آهي‘

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (SBCA) ۽ گڏيل قومن جي تنظيم براءِ پراجيڪٽ سروسز (UNOPS) پاران پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي ۽ قدرتي آفتن سان هم آهنگ، گهٽ لاڳت ’گرين ريزيلينٽ هائوسنگ‘ جي موضوع تي ورڪشاپ منعقد ڪيو ويو. گڏيل قومن جي لاڳاپيل اداري جي ڪنٽري مئنيجربرين ڊگلس فيوڪٽ، ڊاڪٽر انجنيئر شعيب احمد ۽ آرڪيٽيڪٽ بابر ممتاز ان موقعي تي ليڪچر ڏنا. ان موقعي تي ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرل بينش شبير، ۽ ڊائريڪٽر ايڊمن ۽ فنانس مشتاق احمد سومرو مهمان وفد جي آجيان ڪئي ۽ ورڪشاپ منعقد ڪرڻ لاءِ سمورا انتظام ڪيا.

مٿي ڄاڻايل ماهرن چيو ته موسمياتي تبديلين بابت بين الاقوامي ماحولياتي زميني تحقيق مطابق سڄي دنيا ۾ ايشيا کنڊ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندو، جتي تمام گهڻو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو به آهي. ماهرن موجب موسمياتي تبديلين سبب پاڪستان کي نازڪ صورتحال درپيش آهي. قدرتي آفتن سبب پاڪستان کي ايندڙ وقت ۾ به خطرو آهي. دنيا ۾ جيڪي 10 ملڪ موسمياتي تبديلين کان وڌيڪ متاثر ٿيندا انهن ۾ پاڪستان به شامل آهي.

Photo Sindhyar

ماهرن چيو ته گذريل سال ٿيل تباهي جو 70 سڪيڙو نقصان سنڌ کي پهتو آهي. قدرتي آفتن کي روڪڻ ممڪن ناهي پر ان جي نقصان کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ ممڪن آهي. اسانکي موسمياتي تبديلين ۽ قدرتي آفتن کي نظر ۾ رکندي گرين ريزيلينٽ هائوسنگ جي رٿائن تي عمل ڪرڻ گهرجي. اسانکي هائوسنگ جو هي ماڊل شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ ۽ سڀني هائوسنگ اسڪيمز تي لاڳو ڪرڻو پوندو. ماهرن چيو ته گهٽ لاڳت وارين لچڪدار گرين هائوسنگ لاءِ گهربل مٽريل مقامي طور تي دستياب آهي. هائوسنگ جي شعبي جي ماهرن کي معياري تعميرات لاءِ پاڪستان اسٽينڊرڊ ڪوالٽي ڪنٽرول اٿارٽي جي گائيڊ لائن تي عمل ڪرڻو پوندو. آخر ۾ مهمانن کي شيلڊز ۽ سنڌ جو روايتي تحفو اجرڪ پڻ پيش ڪيا ويا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو