اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي صدر پرويز الاهي چيو آهي ته ملڪ جي موجوده صورتحال اها آهي ته سمورن سياستدانن کي چونڊن کان اڳ سيڪيورٽي بانڊ وٺڻ گهرجي.اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي پرويز الاهي چيو ته جيل ۾ کاڌو ڏنو ويندو آهي جنهن ڪري هو بيمار ٿيندو آهي.اڳ ڊاڪٽر جي سهولت موجود هئي، هاڻي ان ۾ به مشڪلاتون ڏسڻ ۾ اچڻ لڳيون آهن.مهانگائي بابت ڳالهائيندي اڳوڻي وڏي وزير چيو ته اڄ عام ماڻهو مهانگائي سبب مري ويو آهي، جڏهن ته نواز شريف ۽ شهباز شريف بجلي جي مهانگي جا اصل ذميوار آهن.پي ٽي آءِ صدر چيو ته عام چونڊون نه ٿيڻ سبب ملڪ جو نظام درهم برهم آهي، اها صورتحال آهي، سمورن سياستدانن کي چونڊن کان اڳ سيڪيورٽي بانڊ وٺڻ گهرجي.هڪ صحافي پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير کان چونڊن کان اڳ آزاد ٿيڻ بابت سوال ڪيو، جنهن تي پرويز الاهي چيو ته منهنجي آزاديءَ بابت الله ئي بهتر ڄاڻي ٿو.هن وڌيڪ چيو ته چيئرمين پي ٽي آءِ سان پٺاڻن جي ڳالهين بابت ڪجهه نٿو چئي سگهي، چوڌري شجاعت سان ٻيهر ملاقات ٿي.هڪ سوال جي جواب ۾ پرويز الاهي چيو ته اهو به ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي ته نواز شريف جي وطن واپسي جي تاريخ تبديل ٿي رهي آهي، نواز شريف پاڻ به تبديل ٿي چڪو آهي.
