حڪومت جي 100  ڏينهن جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ آهي

حڪومت جي 100 ڏينهن جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ آهي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي موجوده حڪومت جي 100 ڏينهن جي ڪارڪردگي کي مايوس ڪندڙ قرار ڏيندي چيو آهي ته مهانگائي، بدامني، بيروزگاري ۽ دهشتگردي جي واقعن ۾ ڪا به گهٽتائي ڪونه ٿي آهي، سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ، ڪي پي ۾ درجنين فوجي آپريشن ۽ بلوچستان ۾ جوانن جا لاشا کڻي رهيا آهيون، لڪي مروت ۾ دهشتگردي جي واقعي ۾ 07 فوجي جوانن جي شهادت ان جو چٽو ثبوت آهي. ملڪ معاشي توڙي سياسي بحرانن جو شڪار، فارم 47 ذريعي حڪومت تي قبضو ڪندڙ ٽولو خود به پريشان آهي، وزيراعظم شهباز شريف جي اوقات پيٽرول مصنوعات جا اگهه گهٽ ڪرڻ جيتري به ناهي، 15 رپيا گهٽ ڪرڻ جي حڪم بدران رڳو چار رپيا گهٽتائي ڪئي وئي، ڪڻڪ اسڪينڊل ۾ ملوث اڳوڻو نگران وزيراعظم ڪاڪڙ کين فارم 47 جا طعنا ۽ پول پڌرا ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. اسٽيبلشمنٽ جي سياست ۾ مداخلت ۽ حڪومتون ٺاهڻ ۽ ٽوڙڻ واري ڪردار جو خاتمو، سياسي جماعتن کي گڏجي ملڪي سلامتي ۽ پاڪستان کي معاشي توڙي سياسي بحران مان ڪڍڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن صوبائي دفتر ۾ ملاقات ڪندڙ مختلف وفدن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو، ھوڏانھن سولنگي قوم جي چيف سردار سردار زبير خادم سولنگي بہ محمد حسين محنتي سان ملاقات ڪري کين عمري جي سعادت تي مبارڪباد ڏني . ان موقعي تي مجاهد چنا، آفاق احمد سولنگي ۽ ٻيا موجود هئا. صوبائي امير وڌيڪ چيو ته پيٽرول جي اگهن ۾ گهٽتائي باوجود مهانگائي جو جن اڃان به بوتل کان ٻاهر آهي، بجلي جي اگهن ۾ روزاني جي بنياد تي اضافو ٿي رهيو آهي، بجلي جا بل ڏسي عوام کي ڏينهن ۾ تارا نظر اچي رهيا آهن، ساڳيو حال گوشت، بيڪري آئٽمز ۽ ڀاڄين توڙي ميون جو آهي. مهانگائي ۽ ٽيڪس مٿان ٽيڪس جي ڪري عام ماڻهن جو جيئڻ مشڪل بڻايو ويو آهي، حڪومت معاشي صورتحال جي بهتري ۽ عام ماڻهن کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ ڪرپشن فري قدم کڻي، اها به هڪ حقيقت آهي ته اهو سڀ ڪجهه تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو جڏهن چور، مفاد پرست ۽ پنهنجو سرمايو ٻاهرين ملڪن ۾ لڪائڻ وارا نه بلڪه ديانتدار ۽ مخلص قيادت اقتدار ۾ هجي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو