مهر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، پوليس جي چاندي

جان محمد سو سائٽي(ن س) عادلپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ ميهر مهر ۾ پراڻي دشمني تان مھر برادري جي  ٻن ڌرين ۾ جھيڙو  ٿي پيو، ھڪٻئي تي لٺين مڪن ۽ ڪھاڙي سان حملو ڪيو وي. جهيڙي دوران واليڏنو مهر مٿي ۾  ڌڪ لڳڻ ڪري زخمي ٿي پيو، جڏھن ته ٻئي ڌر جو لياقت مھر پڻ زخمي ٿي پيو. اطلاع تي عادلپور پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمين  کي ميڊيڪل ليٽر جاري ڪندي اسپتال اماڻي ڇڏيو. زخمي ٿيل پورھيت واليڏنو مھر احتجاج ڪندي ٻڌايو ته صبح جو سويرزمين تي وڃي رھيو ھيس ته رستي تي بيٺل بااثرن لياقت مھر، حسن مھر ۽ ٻين ھٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي ڪٽڪو ڏنو، منھنجي رڙين تي رستي ويندڙن پھچي ڇڏايو. ھن ٻڌايو ته بااثر لياقت مھر وارن پھريان به مون تي  تشدد ڪيو هو ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايوھو. متاثر شخص ايس ايس پي گھوٽڪي کان مطالبو ڪندي چيو ته بااثرن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي. پوليس ٻنهي ڌرين کي ليٽر ڏنا، ڪيس داخل نه ٿيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو