منظور ويٽو خاندان سميت پيپلز پارٽي ۾ شامل

لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جو اڳوڻو وڏو وزير منظور وٽو خاندان سميت پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي ويو.پ پ ترجمان موجب منظور وٽو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ۾ پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي راجا پرويز شريف، حسن مرتضيٰ، شهزاد سعيد چيما ۽ چوڌري سجاد الحسن پڻ موجود هئا.ترجمان جو چوڻ آهي ته اڳوڻو قومي اسيمبلي ميمبر خرم وٽو ۽ روبينا شاهين وٽو، اڳوڻو ميمبر پنجاب اسيمبلي معظم وٽو، جھان آرا وٽو ۽ آمنه قصوري به پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي ويا آهن.ترجمان موجب بلاول ڀٽو زرداري وٽو خاندان کي پ پ ۾ شامل ٿيڻ تي ڀليڪار ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو