لاهور (ويب ڊيسڪ)اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) منشيات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪندي 7 ڪارروايون ڪري 152 ڪلوگرام منشيات هٿ ڪري 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.اي اين ايف موجب موٽر وي ٽول پلازه ڪالا شاهه ڪاڪو وٽ ڪارروائي ڪندي گاڏي جي لڪايل ڪنڊن مان 21 ڪلو 600 گرام آفيم هٿ ڪري جوابدار مردان جي رهواسي کي گرفتار ڪيو ويو.ڪالا شاهه ڪاڪو ويجهو هڪ ٻي ڪارروائي دوران گاڏي مان 10 ڪلو هيروئن هٿ ڪئي وئي، هٿ آيل هيروئن گاڏي جي ٽائر (اسٽيپني) ۾ لڪائي وئي هئي ۽ بنون جي رهواسي 2 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.ترجمان موجب لاهور ۾ ڪوريئر آفيس مان پارسل مان هيروئن هٿ ڪئي وئي، 500 گرام هيروئن بيڊ شيٽ ۾ لڪائي بحرين اسمگل ڪئي پئي وڃي.هوڏانهن ڪيچ ۽ گوادر ۾ 2 ڪارروايون ڪري اسمگلنگ لاءِ لڪايل 100 ڪلو گرام چرس هٿ ڪئي وئي، جڏهن ته باجوڙ ۽ خيبرپختونخواهه ۾ 2 ڪاررواين دوران لڪايل 20 ڪلو 500 گرام چرس هٿ ڪئي وئي.اي اين ايف ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدارن خلاف اينٽي نارڪوٽڪس ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
