ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) وفاق ۽ صوبن ۾ منشيات جي حوالي سان انٽيليجنس شيئرنگ ۽ ڪوآرڊينيشن وڌائڻ لاءِ فيوزن سينٽر ٺاهڻ جو فيصلو ، منشيات جي عادي ماڻهن جي بحالي جا مرڪز ٺاهڻ لاءِ صحت کاتي کان مدد وٺڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي،منشيات جي خاتمي لاءِ جوڙيل هاءِ پاورڊ ڪميٽي جو ٻيو اجلاس سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ٿيوم اجلاس ۾ سيڪريٽري ايڪسائيز سليم راجپور، سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊز عباس بلوچ ۽ ٻين جي شرڪت ڪئي اجلاس ۾ ڪمانڊر اي اين ايف برگيڊيئر عمر، ڊي آءِ جي سي آءِ اي مقدس حيدر ۽ ٻيا شريڪ ٿيا، اجلاس ۾ جنيوا کان يو اين او ڊي سي جي ٽام ۽ اسلام آباد مان ساجد اسلم وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ منشيات جي خلاف ڪاررواين ۾ تيزي ۽ جائزي لاءِ ڪميٽي جو هر 15ڏينهن ۾ اجلاس سڏائڻ جي هدايت ڪئي وئي، ڊي آءِ جي سي آءِ اي مقدس حيدر ۽ اي اين ايف جي ڪمانڊر برگيڊيئر عمر ڪاررواين بابت اجلاس کي بريفنگ ڏني اجلاس کي بريفنگ ڏني وئي ته منشيات جي عادي ماڻهن جي بحالي جي مرڪزن ۾ درخواست ڏيندڙ ماڻهن جو انگ9هزار کان وڌي ويو آهي، تعليمي ادارن ۾ منشيات سپلاءِ ڪندڙ 13جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي اجلاس ۾ يو اين او ڊي سي منشيات جي خاتمي لاءِ سنڌ حڪومت جي هر ممڪن مدد جي خاطري ڪرائي وئي، شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته فيوزن سينٽر ٺاهڻ لاءِ وفاق سان ڳالهه ڪئي ويندي، هر صوبي ۽ وفاق ۾ فيوزن سينٽر ٺاهڻ گهرجن،شرجيل ميمڻ چيو ته صدر آصف علي زرداري مختلف اجلاسن ۾ منشيات جو خاتمو يقيني بڻائڻ لاءِ هدايتون جاري ڪيون آهن، تعليمي ادارن ۾ منشيات جي ٽيسٽ ٿيندي،هن چيو ته ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي ته گهرن اندر ۽ پارٽيز ۾ کلي عام منشيات جو استعمال ٿي رهيو آهي، معاشري ۾ هر طرح جا ماڻهو منشيات جو استعمال ڪري رهيا آهن، فوري طور قدم کڻڻا پوندا، منشيات فروش ڪو به هجي ان کي معاف نه ڪيو ويندو، بنا فرق ڪارروايون ڪيون پيون وڃن










