اسلام آباد( رپورٽ الله وسايو گهوٽو)ملڪ ۾ ڪورونا-مثبت ڪيس جي شرح 7.1 تي پهچي وئي گذريل 24 ڪلاڪن ۾5 2 سئوکان وڌيڪ ماڻهن ۾ وائرس جي تصديق ڪئي وئي ۽ 58 فوت ٿي ويا.ڪورونا جي شماريات ويب سائيٽ جي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ ۾ 35هزار303 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 2هزار511 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي .سرڪاري رپورٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جي مثبت واقعن جي شرح 7.1 رهي ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتين جو تعداد 13هزار595 ٿي ويو آهي ۽ ڪيسن جو ڪل تعداد 6لک99هزار964 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته فعال ڪيسن جو تعداد 23هزار355 آهي.ان کان علاوه گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 1هزار136 مريض ڪورونا کان صحتياب ٿياآهن ، صحتياب ٿيندڙن ڪرڻ جو ڪل تعداد 5لک73هزار014ٿي ويو آهي .سنڌ ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 2لک61هزار582 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته هينئر تائين 4هزار461 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.پنجاب ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 1لک88هزار225 آهي ۽ 5هزار812 ماڻهو وائرس سبب فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته بلوچستان ۾ مريضن جو ڪل تعداد 19هزار233 آهي ۽ فوتين جو تعداد 202 ٿي ويو آهي.خيبرپختونخواهه ۾ ڪيسن جو ڪل تعداد 76هزار 379 آهي ۽ 2هزار169 ماڻهو ڪورونا سبب فوت ٿي چڪا آهن.جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ ڪيسن جو ڪل تعداد 11 هزار089 آهي ۽ 322 مريض فوت ٿي چڪا آهن.گلگت بلتستان ۾ ڪورونا مريضن جو تعداد هينئر تائين 4هزار 961 آهي ۽ 103 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.اسلام آباد ۾ ڪورونا مريضن جو ڪل تعداد 48هزار495 آهي ۽ هن وقت تائين 526 مريض فوت ٿي چڪا آهن.










