ملڪ ۾ ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ عزاداري جو سلسلو جاري

ملڪ ۾ ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ عزاداري جو سلسلو جاري

ڪراچي (ويب ديسڪ)سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ عزاداري جو سلسلو جاري، ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص ۽ شهيد بينظير آباد جي ننڍن وڏن شهرن مان 8 محرم جا ماتمي جلوس برآمد ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي، حيدرآباد جي ٽنڊو مير محمود واري علائقي مان گذريل ڏينهن 7 محرم جو برآمد ٿيل تاريخي ۽ قديمي ماتمي جلوس منزل ڏانهن روان دوان، ماتمي جلوس اڄ شام واپس پنهنجي منزل تي نهر ٿيندو، ڀٽ شاهه ۽ قاضي احمد ۾ ٽانڊن تي ماتم، ڀٽ شاهه ۾ هڪ سئو مڻ ڪاٺين جي ٽانڊن تي عزادارن پاران ماتم ڪيو ويو، 14 دولهن کي سائو ويس اوڍائي ٽانڊن تان گذاريو ويو, قاضي احمد ۾ به يا حسين جي صدائن سان عزادارن جو ٽانڊن تي ماتم، مختلف شهرن ۾ علم پاڪ، جهولن ۽ ذوالجناح جا ماتمي جلوس برآمد ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو