رجسٽرڊ افغان پناهگيرن جي ڪارڊن جي مدي ۾ 30 جون تائين واڌ

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير طرفان آءِ جي اسلام آباد کي ملڪ ۾ غيرقانوني طور رهندڙ پرڏيهين خلاف آپريشن تيز ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اسلام آباد ۾ صحافين سان ملاقات کانپوءِ غير رسمي ڳالهه ٻول دوران وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته ملڪ جي راڄڌاني اسلام آباد ۾ غيرقانوني طور رهندڙ پرڏيهين ڊيٽا اڳواٽ موجود آهي، آءِ جي اسلام آباد غير قانوني پرڏيهين خلاف آپريشن تيز ڪري.هن چيوته جن غيرقانوني پرڏيهين وٽ ڪارڊ موجود آهن، تن لاءِ ٽن مهينن جي واڌ ڪئي وئي آهي، ٽن مهينن کانپوءِ انهن کي به وڃڻو پوندو.هن چيو ته چينين شهرين جي سيڪيورٽي جي حوالي سان اسان کي تمام گهڻا خدشا آهن، ان حوالي سان چيني اختيارين سان گڏجي بهتر حڪمت عملي جوڙي رهيا آهيون، هٿيارن جا لائسنس جاري ڪرڻ بابت سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي پابندي لاڳو آهي.وفاقي گهرو وزير وڌيڪ چيو ته سندس خواهش آهي ته سک ياترين لاءِ آن ارائيول ويزا سسٽم هجي، ايف آءِ اي، اميگريشن پاسپورٽ ۽ پوليس کي ري ويمپ ڪيو ويندو، ٽوئيٽر جي حوالي سان وڌيڪ ڪجهه وقت گهربل آهي.هوڏانهن جمعي ڏينهن وفاقي ڪابينا افغان پناهگيرن لاءِ پروف آف رجسٽريشن (پي او آر) ڪارڊ جي صحيحيت 30 جون تائين جي منظوري ڏئي ڇڏي، جڏهن ته انهن جي واپسي ٽئين مرحلي ۾ شروع ٿيندي.وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ پي او آر ڪارڊ رکندڙ پناهگيرن جي وطن واپسي جي ڪنهن به تاريخ جو اعلان نه ڪيو ويو.اسلام آباد ۾ گڏيل قومن جي پناهگيرن واري اداري يو اين ايڇ سي آر جي ترجمان موجب، اٽڪل 1.3 ملين رجسٽرڊ افغاني اڃا تائين پاڪستان ۾ رهن ٿا.وزيراعظم جي آفيس پاران جاري ڪيل هڪ سرڪاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته رياستن ۽ سرحدي علائقن جي وزارت جي سفارش تي وفاقي ڪابينا افغان پناهگيرن جي پي او آر ڪارڊز جي مدي ۾ پهرين اپريل 2024ع کان 30 جون 2024ع تائين واڌ جي منظوري ڏني. پي او آر ڪارڊ هولڊرز کي منصوبي جي ٽئين مرحلي ۾ وطن واپس آندو ويندو جيڪو پاڪستان ۾ رهندڙ ”غير قانوني پرڏيهي شهرين“ جي وطن واپسي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ شروع ٿيندو، بيان شامل ڪيو ويو.ڪابينا ميمبرن کي ٻڌايو ويو ته پي او آر ڪارڊ هولڊر پاڪستان ۾ اسڪولن، بئنڪ اڪائونٽس ۽ ٻيون سهولتون حاصل ڪن ٿا.ان کان علاوه، بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ رهندڙ غير ملڪي رهاڪن کي وطن واپس آڻڻ جو پهريون مرحلو ڪنهن به سڃاڻپ دستاويزن کان سواء جاري آهي.ان دوران يو اين ايڇ سي آر جي ترجمان قيصر خان آفريدي ڊان ڊاٽ ڪام کي پي او آر ڪارڊ هولڊرز جي بريڪ ڊائون بابت ٻڌايو ته 52 سيڪڙو خيبرپختونخواهه ۾ رهن ٿا جڏهن ته ڪل 330,000 بلوچستان ۾، 160,000 پنجاب ۽ 60,000 سنڌ ۾ آهن جن ۾ اڪثريت ڪراچي ۾ آهي.يو اين ايڇ سي آر جي ترجمان چيو ته پي او آر ڪارڊ هولڊرز جو 30 سيڪڙو 54 پناهگير ڳوٺن ۾ ۽ 70 سيڪڙو شهرن ۾ ۽ ڪئمپن کان ٻاهر رهن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو