اسلام آباد(بيورو رپورٽ)گذريل مهيني ملڪ ۾ سيمينٽ جو استعمال گهٽجي ويو آهي.آل پاڪستان سيمينٽ مينوفيڪچررز ايسوسيئيشن موجب نومبر 2023ع ۾ سيمينٽ جي واهپي ۾ 2.12 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي، جنهن دوران سيمينٽ جو ڪل وڪرو 3 لک 24 هزار ٽن رهيو.ايسوسيئيشن جي بيان موجب نومبر ۾ سيمينٽ جو ملڪي وڪرو 15.53 سيڪڙو گهٽتائي سان 32 لک 62 هزار ٽن رهيو، جڏهن ته ايڪسپورٽ 348.29 سيڪڙو جي واڌ سان 6 لک 62 هزار ٽن رهي.بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته هلندڙ مالي سال جي پهرين 5 مهينن ۾ سيمينٽ جو استعمال 1.98 ملين ٽن هو جنهن ۾ 10.81 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.اهڙي طرح 5 مهينن ۾ سيمينٽ جو گهريلو وڪرو 2.04 سيڪڙو وڌي 1 ڪروڙ 66 لک ٽن ٿي ويو، جڏهن ته ان عرصي دوران سيمينٽ جي برآمد 104.60 سيڪڙو وڌي 3.129 لک ٽن ٿي.










