ملڪ ۾ دڪان ۽ ڪاروبار سج لٿي وقت بند ڪرڻ جي تجويز

ملڪ ۾ دڪان ۽ ڪاروبار سج لٿي وقت بند ڪرڻ جي تجويز

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توانائي واري وزارت بجلي بحران تي ضابطو آڻڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ دڪان ۽ ڪاروبار سج لٿي وقت بند رکڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي.توانائي واري وزارت جي ذريعن موجب ان تجويز تي پهرين آڪٽوبر کان 15 فيبروري تائين عمل ٿيڻ جو امڪان آهي ۽ ان تجويز تي عملدرآمد لاءِ سمورن چيمبرز آف فيڊريشنز ۽ ڪاروباري تنظيمن سان مشاورت شروع ڪئي وئي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته چئني صوبائي حڪومتن کي ان تجويز تي عملدرآمد لاءِ چيو ويندو، جڏهن ته بجلي بحران تي ضابطو آڻڻ لاءِ قانون سازي جو مسودو تيار ڪيو پيو وڃي.ذريعن موجب ان قدم سان روزانو 1500 ميگاواٽ کان وڌيڪ بجلي جي بچت ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو