ملڪ ۾ دهشتگردن خلاف ڀرپور ڪاروائي جو فيصلو

ملڪ ۾ دهشتگردن خلاف ڀرپور ڪاروائي جو فيصلو

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)قومي سلامتي ڪميٽي (اين ايس سي) جمعي تي چيو آهي ته ”دهشت گرد پاڪستان جا دشمن آهن“ رياست جي رٽ کي چيلينج ڪندڙن کي ”پوري طاقت سان“ جواب ڏنو ويندو. وزيراعظم آفيس (PMO) پاران جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته هي فورم پرڏيهي پاليسي ۽ قومي سلامتي بابت اهم فيصلا ڪرڻ وارو ادارو آهي. اسلام آباد ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ ملڪ جي مختلف علائقن ۾ دهشتگردي جي واقعن جو جائزو ورتو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سڀ وسيلا ڪتب آندا ويندا. اجلاس ۾ سينيئر سول ۽ فوجي اڳواڻن شرڪت ڪئي. پي ايم او پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ناڻي واري وزير اسحاق ڊار اجلاس کي پاڪستان جي معاشي چئلينجن ۽ انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومتي حڪمت عملين تي بريفنگ ڏني. جڏهن ته پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ڪابل جي دوري ۽ افغانستان جي صورتحال ۽ پاڪستان جي عبوري حڪومت سان لاڳاپن تي بريفنگ ڏني. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اجلاس جي شرڪت ڪندڙن ان ”واضح راءِ“ جو اظهار ڪيو ته پاڪستان جي قومي مفادن تي سمجهوتو نه ڪيو ويندو ۽ ڪنهن کي به ملڪ جي قومي سلامتي کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. اجلاس دوران انٽيليجنس ادارن جي سربراهن به شرڪت ڪندڙن کي ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال، دهشتگردي جي تازي لهر ۽ ان کي منهن ڏيڻ لاءِ کنيل قدمن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي بقا، سلامتي ۽ ترقي جي بنيادي مفادن جو تحفظ وڏي همت، مستقل مزاجي ۽ ثابت قدمي سان ڪيو ويندو. شرڪت ڪندڙن دهشتگردي خلاف شهيدن جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪندي انهن جي خاندانن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ اجتماعي دعا پڻ ڪئي. اجلاس ۾ ان عزم جو اظهار ڪيو ويو ته دهشتگرد پاڪستان جا دشمن آهن. پوري قوم دهشتگردي ۽ دهشت گردن خلاف هڪ نقطي تي متحد آهي. پاڪستان کي چيلينج ڪندڙن کي ڀرپور جواب ڏنو ويندو،“. فيصلو ڪيو ويو ته اين ايس سي جو اجلاس سومر 2 جنوري تي ٻيهر ٿيندو جنهن ۾ مختلف تجويزن جي روشني ۾ وڌيڪ فيصلا ڪيا ويندا. ياد رهي ته ٻن ڏينهن واري ڪور ڪماندرز ڪانفرنس 28 ڊسمبر تي ختم ٿي هئي جنهن بعد 29 ڊسمبر تي آرمي چيف عاصم منير وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي هئي جنهن بعد هي اين ايس سي جو اجلاس ڪوٺايو ويو. گذريل ڪجهه مهينن کان ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال خراب ٿي وئي آهي، دهشتگرد گروپن جهڙوڪ ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي)، اسلامڪ اسٽيٽ گروپ (داعش) ۽ حافظ گل بهادر گروپ حملا ڪري رهيا آهن. بلوچستان ۾ ويڙهاڪن پڻ پنهنجون پرتشدد سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون آهن ۽ ٽي ٽي پي سان باضابطا تعاون سان حملا ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو آهي. بنون ۾ خيبرپختونخواه پوليس جي ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ جي انڪوائري سينٽر تي قبضي ۽ اسلام آباد ۾ آپگهاتي ڌماڪي جي ڪوشش خطري جي گھنٽي وڄائي ڇڏي پر ڪيترن ئي ملڪن کي پنهنجي شهرين جي سلامتي بابت به پريشان ڪري ڇڏيو هو. آمريڪا، برطانيه، آسٽريليا ۽ سعودي عرب پنهنجي شهرين کي پاڪستان ۾ چر پر محدود ڪرڻ ۽ غير ضروري سفرن کان پاسو ڪرڻ لاءِ ايڊوائزري جاري ڪري ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو