ملڪ سياست ۽ سياسي پارٽين ذريعي ئي هلي سگهي ٿو: راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف جي بين الصوبائي رابطن واري صلاحڪار راڻا ثناءُ الله خان چيو آهي ته ملڪ رڳو سياست ۽ سياسي پارٽين ذريعي ئي هلي سگهي ٿو.اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته سياسي پارٽيون ئي ملڪ کي اڳتي وٺي سگهن ٿيون.هن چيو ته انهن شين کي سياست جو نالو ڇو ڏنو ويو جنهن سبب ملڪ اڳتي نٿو وڌي سگهي، ملڪ کي هميشه ناڪاري راين سان بدنام ڪيو ويو آهي.راڻا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته ملڪن جي ترقي جو دارومدار سياسي استحڪام تي هوندو آهي.بين الصوبائي رابطن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار چيو ته اقتدار ۾ ضبط ملڪي استحڪام جو سبب آهي، هڪ قوم جي حيثيت سان اسان کي پنهنجون عادتون سڌارڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو