ملڪ رياض کان مليل رقم سپريم ڪورٽ کي ملندي، شهزاد اڪبر

لنڊن(ويب نيوز) ملڪ رياض پاران برطانيا جي نيشنل ڪرائيم ايجنسي کي ڏنل 19 ڪروڙ پائونڊ جي رقم پاڪستان کي منتقل ٿي وئي آهي. جنهن بابت خميس تي پريس ڪانفرنس ۾ وزيراعظم جي خصوصي معاون شهزاد اڪبر ٻڌايو ته اها رقم سپريم ڪورٽ کي ملندي ۽ وفاقي حڪومت سپريم ڪورٽ کي درخواست ڪئي آهي ته اها رقم سنڌ حڪومت ک نه ڏني وڃي پر وفاقي حڪومت کي ڏني وڃي. هوڏانهن ملڪ رياض پشاور ۾ پريس ڪانفرنس دوران چيو آهي ته هي سول ميٽر ۾ رقم واپس آئي آهي ۽ ڪنهن ڏنڊ يا ڏوهه ۾ ناهي آئي. گذريل ڌينهن بي بي سي جي فراز هاشمي جي رپورٽ موجب نيشنل ڪرائيم ايجنسي يعني اين سي اي ۽ پاڪستان حڪومت رقم پاڪستان منتقل ٿيڻ ان جي تصديق ڪئي آهي. رپورٽ موجب اهو واضح ناهي ته ڪيتري رقم منتقل ٿي آهي ڇو ته 50 لک پائونڊ جي ماليت جو گهر “ون هائيڊ پارڪ پليس” به 19 ڪروڙ پائونڊ (38، ارب روپين کان وڌيڪ رقم) واري سيٽلمينٽ جو حصو هو.

ملڪ رياض جي برطانيا ۾ ڪيترن ئي بئنڪ اڪائونٽس ۾ مبينه طور مشڪوڪ رقم هئڻ بابت نيشنل ڪرائيم ايجسني جاچ ڪري رهي هئي ۽ اها ختم ڪرڻ لاءِ ملڪ رياض ۽ سندس خاندان جي نالن وارن بئنڪ اڪائونٽس ۾ رکيل رقم ۽ گهر تان هن دستبرادري ظاهر ڪئي هئي. بي بي سي موجب پاڪستان جي مملڪتي وزير شهزاد اڪبر ايس ايم ايس ذريعي ۽ اين سي اي اي ميل ذريعي رقم جي منتقلي جي تصديق ڪئي آهي.

اين سي اي کان ٻيا به سوال پڇيا ويا پر انهن جو جواب نه ڏنو ويو. هڪ سوال اهو پڇيو ويو ته ڇا ٻين پاڪستانين جي ملڪيتن بابت به جاچ هلي ٿي ته اين سي اي تصديق يا ترديد کان انڪار ڪيو. ياد رهي ته ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل برطانوي حڪومت کي 5 ملڪيتن جي جاچ لاءِ چيو هو جن ۾ پاڪستان، آذربائيجان، نائيجيريا،  روس ۽ ليبيا سان هو. پاڪستان جي جنهن ملڪيت جي نشاندهي هنن ڪئي هئي اها ملڪ رياض کان علحده آهي.

ملڪ رياض اين سي اي سان ٺاهه بابت ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته ميڊيا اصل خبرن کي ٽوڙي مروڙي پيش پيو ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو