ملڪ جي معاشي پاليسين جو تسلسل برقرار رکبو، ڪاڪڙ

ملڪ جي معاشي پاليسين جو تسلسل برقرار رکبو، ڪاڪڙ

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ملڪ ۾ معاشي پاليسين جو تسلسل برقرار رهندو ۽ وڌيڪ معاشي بهتري آڻينداسين.نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ مختلف وزارتن جي اهم معاملن تي بريفنگ ڏني وئي.اجلاس کي خطاب ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته عوامي ڀلائي جا منصوبا بغير ڪنهن وقفي سان جاري رهندا، اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل تحت ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري وڌائڻ جا قدم نگران حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهن.انوار الحق ڪاڪڙ هدايت ڪئي ته صحت ۽ تعليم جي شعبي ۾ عالمي معيار جي سهولتن کي يقيني بڻايو وڃي، پاور سيڪٽر ۾ جاري سڌارن تي عملدرآمد کي تيز ڪيو وڃي.وزيراعظم چيو ته ٽيڪس روينيو وڌائڻ لاءِ قدمن تي سختي سان عمل ڪيو وڃي، هن چيو ته حڪومت معيشت جي بهتري لاءِ ڊي ريگيوليشن ۽ ذميوار خودمختياري تي ڌيان ڏيندي.هن چيو ته نگران حڪومت پنهنجي محدود مدي ۾ معيشت جي سڌاري تي سموريون توانائيون صرف ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو