ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي وزيراعظم پيڪيج جي تجويز

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) نئين مالي سال لاءِ ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي وزيراعظم پيڪيج جي تجويز سامهون آئي، يوٽيليٽي اسٽورن تان خريداري ڪندڙن کي رليف ملڻ جو امڪان آهي.يوٽيليٽي اسٽورز نئين مالي سال لاءِ ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو وزيراعظم پيڪيج تجويز ڪري ڇڏيو ۽ پيڪيج لاءِ بجيٽ ۾ 85 ارب گهري ورتا. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ سال جي وزيراعظم رمضان پيڪيج لاءِ 12 ارب رپيا تجويز ڪيا ويا آهن، 73 ارب رپيا ايندڙ مالي سال جي 11 مهينن لاءِ گهريا ويا، ايندڙ مالي سال لاءِ سراسري طور ماهوار 6 ارب 64 ڪروڙ رپيا گهريا ويا.ذريعن موجب يوٽيليٽي اسٽورن جيترا فنڊ گهريا آهن، اهي منظور ٿيڻ جا امڪان تمام گهٽ آهن، وزيراعظم رليف پيڪيج لاءِ فنڊن بابت تجويزن کي ناڻي واري وزارت حتمي شڪل ڏيندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته يوٽيليٽي اسٽورز تي موجوده وزيراعظم رليف پيڪيج 30 جون تي ختم ٿي ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو