ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ملير رفاه عام ۾ پيءُ پنهنجي ڌيءَ ۽ سندس دوست کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.پوليس موجب، فوت ٿيل ڇوڪري جي سڃاڻپ فاطمه جي نالي سان ٿي آهي، ۽ فوت ٿيل نوجوان جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ ڇوڪري جي پيءُ اظهر ڪئي هئي، جوابدار ٻنهي کي غيرت جي نالي تي قتل ڪيو. واقعي کان پوءِ جوابدار کي موقعي تي گرفتار ڪيو ويو.پوليس جو چوڻ آهي ته ٻن ڄڻن کي مٿي ۾ گوليون لڳيون آهن، واردات واري هنڌ تان پستول جا 2 خول ۽ هڪ سڪو هٿ آيو آهي.










