معمولي ڳالهه تان تان جهيڙو،چڙهائي، فائرنگ، 4 ڄڻا مارجي ويا

لاڙڪاڻو:(ن س) لاڙڪاڻو ڀرسان رشيد وڳڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ نائچ ۾ ٻارن جي معمولي ڳالهه تان جتوئي برادري جو پاڻ ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن دوران هٿياربندن هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، گوليون لڳڻ سبب پيءُ پٽ سميت چار ڄڻا قتل ٿي ويا، اهڙي اطلاع تي پوليس پهچي لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا.فائرنگ دوران گوليون لڳڻ سبب قتل ٿيلن ۾ 46 ورهين جو شمن جتوئي، ۽ ان جو پٽ 28 ورهين جو شوڪت علي جتوئي، 40 ورهين جو علي حسن، سندس ڀاءُ 37 ورهين جو علي اڪبر جتوئي شامل آهن.ان موقعي تي مقتول جي وارثن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل ڏينهن ٻارن جي معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿيو جنهن کان پوءِ صبح جو نذير جتوئي، شبير جتوئي، شهمير جتوئي، مجاهد جتوئي، سجاد ۽ ٻين گھرن تي حملو ڪري فائرنگ ڪئي جنهن سبب اسان جا چار ڄڻا قتل ٿي ويا رشيد وڳڻ پوليس ٻڌايو ته ڳوٺ نائچ ۾ ٻارن جي ڳالھ تان جتوئي برادري جو پاڻ ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن ۾ ٻن ڀائرن ۽ پيءُ پٽ سميت چار ڄڻا قتل ٿي ويا جن جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي هوڏانهن لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا جيڪي گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو