مظفر آباد، برسات سبب ڪار درياهه ۾ ڪري پئي، 4 ڄڻا فوت

مظفر آباد (ويب ڊيسڪ)آزاد ڪشمير جي راڄڌاني مظفر آباد ۾ برسات سبب ڪار ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا.پوليس موجب ڪار درياهه ۾ ڪرڻ جو واقعو گذريل رات پيش آيو، پر رات جو وقت هجڻ سبب ڪو به پتو نه پئجي سگهيو.پوليس موجب حادثي جو اطلاع صبح ساڍي ڏهين وڳي گذرندڙن ڏٺو ۽ ڪارروائي ڪندي نيلم درياهه مان 4 ڄڻن جا لاش ڪڍيا.پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ڄڻا گاڏي ۾ سوار هئا ته درياهه ۾ ڪري پيا، گاڏي ۾ سوار عورت کي بچايو ويو، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، فوتين جو تعلق جهينگ ڳوٺ سان هو.

پهنجو تبصرو موڪليو