اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت مطيع الله جان جي 2 ڏينهن جي جسماني رمانڊ کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو،ان حوالي سان مطيع الله جان جي وڪيل ايمان مزاري جو چوڻ آهي ته اسان جي درخواست آهي ته جسماني رمانڊ خلاف درخواست تي اڄ ٻڌڻي ڪئي وڃي، جيڪڏهن اڄ ٻڌڻي نه ٿي ته اسان جي درخواست غير موثر ٿي ويندي،گذريل ڏينهن دهشتگردي جي انت واري خاص عدالت مطيع الله جان کي ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو هو.










