تيز مغربي برساتي سسٽم ڪراچي ۾ داخل ٿي ويو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)موسميات جي تجزيه نگار طاقتور مغربي سسٽم تحت ڪراچي ۾ تيز برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.موسميات جي تجزيه نگار موجب هڪ طاقتور مغربي نظام نار جي رياستن کانپوءِ بلوچستان ۾ داخل ٿي ويو آهي، اهو سسٽم مڪران جي ساحلي علائقن ۾ تيز برساتن جو سبب بڻجي رهيو آهي.هن چيو ته اڄ شام کان ڪراچي ۽ سنڌ تي ان نظام جا اثر ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويندا پر ان نظام جي شدت خليجي رياستن جهڙي نه هوندي.موسميات جي تجزيه نگار چيو آهي ته اڄ شام ۽ سڀاڻي منجهند تائين سنڌ جي ساحلي پٽي تي گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي، ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڏکڻ ۽ اوڀر سنڌ ۾ به گجگوڙ سان برسات پئجي سگهي ٿي.سندس چوڻ آهي ته ان سسٽم مان ڪراچي ۾ تيز برسات پوڻ جو امڪان آهي، پر خليجي رياستن وانگر ڪراچي ۾ طوفاني برسات جو ڪو به امڪان ناهي، هتي 15 کان 40 ملي ميٽر برسات جو امڪان آهي.موسميات جي تجزيه نگار جو اهو به چوڻ آهي ته عربي سمنڊ ۾ سمنڊ جي مٿاڇري جو گرمي پد وڌيڪ آهي، جنهن سبب نظام کي عربي سمنڊ مان نمي جي صورت ۾ مدد ملندي رهندي.

پهنجو تبصرو موڪليو