مضبوط معاشي پاليسين جي ڪري ملڪ ۾ استحڪام اچي پيو: وزير

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته بهترين معاشي پاليسين سبب استحڪام اچي رهيو آهي پر معاشي استحڪام لاءِ پاليسين ۾ تسلسل ضروري آهي.پاڪستان-سعودي سيڙپڪاري فورم 2024ع جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو ته ملڪ جي قيادت خانگي شعبي کي ڪرڻ گهرجي جڏهن ته وزيرن ۽ بيوروڪريسي کي پوئتي ويهڻ گهرجي.ناڻي واري وزير چيو ته بهترين معاشي پاليسين سبب استحڪام اچي رهيو آهي ۽ گذريل 10 سالن کان پاڪستان جي ڪرنسي ۾ استحڪام اچي رهيو آهي جڏهن ته پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا آهستي آهستي وڌي رهيا آهن.محمد اورنگزيب چيو ته توانائي جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، برآمدات کي وڌائڻ گهرجي.حڪومت جو ڪم آهي پاليسي فريم ورڪ ڏيڻو پوندو،ناڻي واري وزير وڌيڪ چيو ته معاشي استحڪام لاءِ پاليسين ۾ تسلسل ضروري آهي، معاشي سڌارا اسان جو ايجنڊا آهن، پرڏيهي سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته نجي شعبي کي فرنٽ سيٽ تي ويهڻ، واپارين ۽ سيڙپڪارن جي مدد ڪئي وڃي هي، ناڻي واري وزارت جون خدمتون موجود آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو