مسيحي برادري 8 فيبروري تي تير جي نشان تي ٺپو هڻي

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي اين اي 47 تان نامزد اميدوار سبطال حيدر بخش المعروف سبطي شاهه مرڪزي مسيحي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيشل اقليتي سيٽ لاءِ اميدوار راشد چوهاڻ، سهيل رومي، پادري شڪيل جي ون اسيمبلي آف گاڊ چرچ ۾ جلسي کي خطاب ڪيو،8 فيبروري تي تير جي نشان تي ٺپو هڻو بلاول ڀٽو کي موقعو ڏيو، مهانگائي، بيروزگاري ۽ غربت خلاف وڙهندڙ واحد سياستدان آهي، پيپلز پارٽي 8 فيبروري تي سرپرائز ڏيڻ لاءِ تيار آهي،پيپلز پارٽي مسيحي قوم کي بيشمار حق ڏنا آهن، مستقبل ۾ به پيپلز پارٽي چونڊون کٽي بلاول ڀٽو کي وزير اعظم چونڊيندي ۽ پوري پاڪستاني مسيحي قوم کي انهن جا حق انهن جي دروازي تي پهچائيندي،راشد چوهاڻ چيو ته مسيحي ڪارڪن چيئرمين بلاول ڀٽو جي قيادت ۾ متحد ۽ متفق آهن، هو ايندڙ اليڪشن ۾ سمورين پارٽين کي رد ڪندا ۽ رڳو جيئي ڀٽو کي نشانو بڻايو ويندو،سبطي شاهه ايم اين اي چونڊجي علائقي جون محروميون ختم ڪيون، ڀٽو خاندان جون عوامي خدمتون ڪنهن کان لڪيل ناهن. آخر ۾ پاڪستان ۽ پيپلز پارٽي جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا گهري وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو