مرگهي سبب همراهه واهه ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو

ٽنڊو غلام حيدر ( رپورٽ ميرحسن رند ) شاه واهه موري لنڪ روڊ تي موٽر سائيڪل سوار 35 سالا مولابخش عرف مولو بُوهڙ موٽر سائيڪل سميت شاه واهه ۾ ڪري فوت ٿي ويو. ڪافي ڳولا بعد واھ مان فوتي جو لاش هٿ ڪري ٻاهر ڪڍيو ويو ذريعن موجب فوتي کي مرگهي جي بيماري جو اثر رهندو هو جنهن سبب اچانڪ دماغي چڪر اچڻ سبب واھ ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي ويو هوڏانهن فوتي جو لاش گهر پهچندي ئي ڪهرام مچي ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو