مري ۾ برفباري بند ٿي وئي، رستا جلد کُلڻ جو امڪان

مري ۾ برفباري بند ٿي وئي، رستا جلد کُلڻ جو امڪان

مري (ويب ڊيسڪ)مري ۾ برفباري بند ٿي وئي آهي، جنهن جي ڪري رستا جلد کولڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.مري ۾ تيز برفباري سبب ڪيترائي مواصلاتي رستا برف سان ڍڪيل آهن، جنهن جي ڪري وڌيڪ گاڏين جي داخلا تي پابندي لڳائي وئي آهي.سخت موسمي حالتن جي ڪري ضلعي انتظاميا هاءِ الرٽ تي آهي، جڏهن ته جهڪا گلي سان ملحق ايم آءِ ٽي روڊ کي صاف ڪري کوليو ويو آهي.ٻئي طرف، گليات ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته گليات ۾ ڪنهن به سياح جي ڦاسي پوڻ يا زخمي ٿيڻ جي ڪا به ڄاڻ ناهي.ان کان علاوه، مري ۾ برفباري بند ٿيڻ کان پوءِ رستا جلد کولڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو