مريم نواز جو سڀاڻي اوڪاڙا ۾ جلسو، تعليمي ادارا بند رکڻ جو حڪم

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ نائب صدر مريم نواز جي سڀاڻي اوڪاڙا ۾ جلسي سبب تعليمي سرگرميون معطل رکڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن. ن ليگ جي چيف آرگنائيزر مريم نواز سڀاڻي اوڪاڙا جي اقبال اسٽيڊيم ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي، ڊي سي اوڪاڙا جي هدايت تي تعليمي سرگرميون معطل رکڻ جو نوٽيفڪيشن ڊائريڪٽر ايجوڪيشن ساهيوال جاري ڪيو.مقامي انتظاميا ڪوريج ڪندڙ صحافين لاءِ سيڪيورٽي پاس حاصل ڪرڻ لازمي قرار ڏنو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو