مريم تي پوليس يونيفارم پائڻ تي ڪيس ٿيڻ گهرجي: سيف

پشاور(ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي اطلاعات واري صلاحڪار بئريسٽر محمد علي سيف جو چوڻ آهي ته مريم نواز خلاف پوليس يونيفارم پائڻ تي ايف آءِ آر داخل ٿيڻ گهرجي.خيبرپختونخواهه جي اطلاعات واري صلاحڪار بئريسٽر محمد علي سيف مريم نواز جي پوليس يونيفارم پائڻ تي ردعمل ظاهر ڪيو آهي.جاري ڪيل بيان ۾ هنن چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو يونيفارم پائڻ قانون جي خلاف ورزي آهي.اطلاعات واري صلاحڪار خيبرپختونخواهه بئريسٽر محمد علي سيف جو به چوڻ آهي ته محترمه کي ڪجهه عملي قدم کڻڻ گهرجن.

پهنجو تبصرو موڪليو