مرمتي ڪم سبب شهر ۾ پاڻي جي فراهمي معطل

مرمتي ڪم سبب شهر ۾ پاڻي جي فراهمي معطل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سي اي او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر سيد صلاح الدين احمد جي هدايتن تي شهر ۾ وال ڪنٽرولنگ سسٽم کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ ٻہ بٽر فلائي والوز نصب ڪيا ويندا ۽ ريڊ لائين منصوبي جي ڪم دوران پراڻي سبزي يونيورسٽي روڊ ڀرسان واٽر ڪارپوريشن جي متاثر ٿيل مين لائينن جي مرمت جو ڪم پڻ ڪيو ويندو والوز جي تنصيب ۽ لائينن جي مرمت جو ڪم 21 آڪٽوبر بروز سومر جي ڏينھن تي شروع ڪيو ويندو جيڪو ايندڙ ٽن ڏينهن ۾ مڪمل ڪيو ويندو ان کان علاوه الھلال سوسائٽي ۾ اولڊ سٽي ٽرنڪ مين (سي ٽي ايم) جي 66 انچن جي لائين ۾ 60 انچ قطر ۽ چيس اپ مارڪيٽ ڪشمير روڊ جيل چورنگي ڀرسان اولڊ سٽي ٽرنڪ مين (سي ٽي ايم) جي 66 انچن جي لائين ۾ 54 انچ قطر جو وال لڳايو ويندو والوز لڳائڻ ۽ لائينن جي مرمت جو ڪم واٽر ٽرنڪ مين واٽر ڪارپوريشن پاران ڪيو ويندو ترجمان واٽر ڪارپوريشن موجب مرمتي ڪم سبب چنيسر ٽائون ۽ ٽائون جناح ٽائون ۾ پاڻي جي فراهمي جزوي طور تي معطل رھندي جڏهن تہ ڪياماڙي ڪلفٽن صدر گلشن ٽائون جمشيد ٽائون لياقت آباد ٽائون ۽ ناظم آباد ٽائون جي ڪجھ علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي جزوي طور تي معطل رهندي ترجمان چيو تہ والوز لڳائڻ سان شهر ۾ پاڻي جو ڪنٽرولنگ سسٽم وڌيڪ بھتر ٿيندو جڏهن تہ وال ڪنٽرول سسٽم ذريعي يونيورسٽي روڊ ۽ ميڪرو صدر تي پاڻي جي لائينن ۾ موجود ليڪيجز کي ختم ڪري سگھبو ھن کان اڳ ۾ ليڪيجز جي خاتمي جي لاء ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تان شٽ ڊائون ڪرڻو پوندو هو ۽ سڄي شهر جي پاڻي جي فراهمي بند ڪرڻي پوندي هئي پر وال ڪنٽرولنگ سسٽم کانپوءِ شٽ ڊائون ڪرڻ ۽ سڄي شهر جي پاڻي جي فراهمي بند ڪرڻ جي ضرورت نہ پوندي هن جو چوڻ هو تہ والوز لڳائڻ جو بنيادي مقصد گرمين ۾ لاڳاپيل علائقن جي پاڻي جي فراهمي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ آهي جڏهن ته وال ڪنٽرولنگ سسٽم سان گلشن اقبال ٽائون جمشيد ٽائون چنيسر ٽائون لياري ٽائون ڪياماڙي ٽائون لياقت آباد ٽائون ۽ ناظم آباد ٽائون ۾ پاڻي جي منصفاڻي فراهمي ممڪن ٿي سگهندي واضح رهي تہ ڌاٻيجي حب ۽ گهارو پمپنگ اسٽيشن تان شهر کي روزانو 650 ايم جي ڊي پاڻي فراهم ڪيو ويندو آهي ۽ مرمتي ڪم سبب شهر کي روزانو ٽن ڏينهن تائين 200 ايم جي ڊي پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پوندو ان سلسلي ۾ شهرين کي درخواست آهي تہ اھي پاڻي جو ذخيرو ڪن ۽ ان کي احتياط سان استعمال ڪن تہ جيئن ڪنھن بہ پريشاني کان بچي سگھجي.

پهنجو تبصرو موڪليو