ڪلوئي (غلام مصطفي نهڙيو) اوطاق ارباب مير محمد تي ويٺل فنڪار ۽ مرلي جي بي تاج بادشاهه جي نالي سان مشهور انب جوڳي سنڌيار سان ڳالهائيندي چيو ته مون پنهنجي فن جي شروعات 1995 کان ريڊيو اسٽيشن حيدرآباد تان ڪئي هن چيو ته ان وقت ريڊيو اسٽيشن حيدرآباد جو ڊائريڪٽر نصير مرزا هو جنهن مونکي باقاعدگي سان ريڊيو تي پروگرام ڪرڻ جو موقعو ڏنو . هن چيو جنهن کان پوءِ مونکي ڏاڏا فتع خان جي ڪچهري ۾ به موقعو ڏنو ويو هو. هن چيو ته آئون هڪ وقت مرلي تي پنجويهه سر ڳائي سگهان ٿو هن چيو ته مرلي ۾ منهنجو استاد منهنجو نانو هو ۽ هن وقت مون 20 شاگرد تيار ڪيا آهن جيڪي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري رھيا آھن. ھن چيو ته آئون ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پروگرام ڪري چڪو آهيان جنهن ۾ مونکي پي ٽي وي سميت ڪل پنجويهه ايوارڊ مليا آهن پر بدقسمتي سان مونکي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جو موقعو نه مليو آهي. هن چيو ته منهنجي دلي خواهش آهي ته مونکي ٻاهر ملڪ وڃڻ جو موقعو ملي جئين آئون پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري سگهان. هن ٻڌايو ته ثقافت کاتو مونکي ساليانو پنجويهه هزار رپيا وظيفو ڏي ٿو جيڪو تمام گهٽ آهي. هن چيو ته مان غريب ٿي ويو آهيان سنڌ حڪومت منهنجي واهر ڪري. هن وقت حالت اها آهي جو هڪ ٽائيم کاوان ٿو ته هڪ ويلو لنگهڻ ٿو ڪاٽيان. هن چيو ته آئون ثقافت کاتي کان مطالبو ٿو ڪريان ته مونکي ٻاهر ملڪ وڃڻ جو موقعو ڏئي منهنجي پٽ کي سرڪاري نوڪري ڏئي منهنجو وظيفو وڌايو وڃي ته جيئن آئون پنهنجي زندگيءَ سکي گزاري سگهان. انب فقير ٿر عمرڪوٽ ميرپور خاص بدين ضلعن جي جوڳي قبيلي جو سردار به آهي. هي هڪ لک جي لڳ ڀڳ پنهنجو ووٽ بينڪ اٿس پر برادري ۾ تعليم جي نه هئڻ جي ڪري اڄ انب جوڳي وٽ رهڻ جي لاءِ گهر توڙي سندس ڳوٺ ۾ ڪو اسڪول به ناهي. کيس چار پٽ اٿس جيڪي مئٽرڪ پاس آهن پر سرڪاري نوڪري نه هئڻ ڪري اهي به پني پيٽ پالين ٿا. انب جوڳي فن جي دنيا کان سواءِ سياسي سماجي سرگرمين ۽ نانگ پالڻ جو به شوقين آهي. پاڻ هن وقت ارباب گروپ جو ڪائونسلر آهي سندس گهر ۾ هن وقت 9 قسم جا نانگ پاليل آهن جن ۾ پدمڻي نانگ ڪارو نانگ کپر نانگ ڇيرو نانگ ۽ ٻيا شامل آهن. سماجي ڪارڪن نانجي ڀيل جو چوڻ آه ته انب فقير هيڏو وڏو فنڪار آهي ثقافت کاتي کي گهرجي ته کيس ٻاهر ملڪ وڃڻ جو موقعو ڏئي. سگهڙ قيوم راهو جو چوڻ آهي ته سنڌ ثقافت کي گهرجي ته انب فقير جو وظيفو وڌائي کيس ٻاهر ملڪ وڃڻ جو موقعو ڏئي سندس پٽ کي سرڪاري نوڪري ڏني وڃي.










