اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اطلاعات ۽ نشريات کاتي واري وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پنهنجي عهدي چارجي وٺي ڇڏي،پاڪستان ٽيليويز پاران کيس عهدو سبنڀالڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي وئي،کاتي جي آفيسرن کيس آفيس اچڻ تي ويلڪم ڪيو ،ذريعن جو چوڻ آهي ته مرتضيٰ سولنگي کي ن ليگ جي ڪوٽا ۽ مدد علي سنڌي کي پيپلزپارٽي جي ڪوٽا تحت وزارت ڏني وئي آهي…راولپنڊي اسلام آباد يونين آف جرنلسٽس (RIUJ) سينيئر صحافي غلام مرتضيٰ سولنگي کي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير جو قلمدان سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني آهي، RIUJ جي صدر عابد عباسي، جنرل سيڪريٽري طارق علي ڪم، فنانس سيڪريٽري ڪاشان اڪمل گل ۽ ميمبرن شرڪت ڪئي. مجلس عامله جي اڳواڻن غلام مرتضيٰ سولنگي کي نگران اطلاعات ۽ نشريات واري وزير جو قلمدان سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني آهي ۽ اميد ظاهر ڪئي آهي ته هو ميڊيا کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪندو، هن چيو ته سنڌ ۾ صحافي برادري کي ملڪ سنگين مسئلن جو شڪار آهي ۽ ان سلسلي ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت تي به اهم ذميواريون آهن، اسان سمجهون ٿا ته مرتضيٰ سولنگي ميڊيا ۽ حڪومت جي وچ ۾ هڪ پل جي حيثيت رکي ٿو، جيڪو پنهنجي مفاهمت جي بنياد تي پنهنجو ڪردار ادا ڪندو.
