ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه اسٽين فورڊ يونيورسٽي ۾ ٽن مختلف پروگرامن ۾ شرڪت لاءِ آمريڪا روانو ٿي ويو آهي ۽ ايندڙ هفتي واپس ايندو. ان تقريبن ۾ IBA ڪراچي ۽ اسٽينفورڊ يونيورسٽي جي لائف ڊيزائن جي وچ ۾ تعاون، بايو ليب ۾ هڪ وبائي مرض جي تياري ۽ هڪ پينل بحث شامل آهي جنهن جو عنوان “سيليڪان ويلي کان ڪراچي تائين – جدت ۽ مقامي حل لاءِ تبديليءَ واري تعليم” آهي. IBA ڪراچي هڪ ڊيزائن ليب تيار ڪرڻ لاءِ اسٽينفورڊ يونيورسٽي جي لائف ڊيزائن ليب سان تعاون ڪري رهي آهي جنهن جو مقصد ڪراچي ۾ هڪ ڊيزائن ليب تيار ڪرڻ آهي. وڏو وزير تقريب ۾ بحث لاءِ شرڪت ڪندو. وڏو وزير بائيو ليب ۾ سينڊفورڊ بايو سيڪيورٽي اينڊ پنڊيمڪ پري پيرڊنس انيشيٽو جو دورو به ڪندو ۽ ان جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر جيفري ايس گلن سان به ملاقات ڪندو. وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي ۾ انفڪشن ڊيزز اسپتال اينڊ ريسرچ سينٽر نيپا ۾ اهڙي ليب قائم ڪرڻ چاهي ٿو. وڏو وزير سليڪان ويلي کان ڪراچي تائين ”ٽرانسفارميشن آف ايجوڪيشن فار انوويشن اينڊ لوڪل سلوشنز“ پينل بحث ۾ پڻ شرڪت ڪندو.










