مدئجي ۾ مزاحمت تي نوجوان قتل،3ڄڻا گرفتار

مدئجي:(ن س) مدئجي جي ڪچي واري علائقي 20 ميل ٿاڻي جي حد چني وانڍ ۾ هٿياربندن پاران دڪان ۾ داخل ٿي ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ڦر دوان مزاحمت تي هٿياربندن فائرنگ ڪري دڪان مالڪ عزيز الله ناريجو کي قتل ڪري ڇڏيو آھي.اهڙي اطلاع ملڻ بعد 20 ميل پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش مدئجي اسپتال منتقل ڪيو آھي،جتي ضروري ڪاروائي ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آھي،لاش ڳوٺ پهچڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو آھي.ان موقعي تي قتل ٿي ويل جي وارث ٻڌايو ته هٿياربندن ڦر ڪرڻ دوران مزاحمت تي دڪاندار عزيز الله کي قتل ڪري ظلم ڪيو آھي، هوڏانهن ڳوٺاڻن هٿياربندن ڦورن جو پيڇو ڪيو جنهن بعد پوليس ڀاڳين جي مدد سان 3 هٿياربندن يعقوب عطراڻي، ڪلب علي عطراڻي ۽ صادق عطراڻي کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آھي،20 ميل پوليس ٻڌايو ته 3 جوبدار شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪيا آھن سندن کان جاچ هلندڙ آھي،واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو