مخصوص سيٽن جي معاملي تي فيصلي کان پوءِ ڳالهائينداسين

ڊيره اسماعيل خان: (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته مخصوص سيٽن جي معاملي تي عدالتي فيصلي کان پوءِ ڳالهائينداسين.ڊيرا اسماعيل خان ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان کي آزاد ۽ خودمختار ٿي سوچڻ گهرجي. جيڪڏهن پهريون ڀيرو آپريشن جو تجربو هجي ها ته عوام لبيڪ چوي ها، عوام اڳ به سوات کان وٺي وزيرستان تائين دربدر ٿي چڪو آهي.جي يو آءِ سربراهه وڌيڪ چيو ته اڄ به اهي ماڻهو دربدر آهن، معاوضو به نه ڏنو ويو اسان کي ڏسڻ گهرجي ته خرابي ڪٿي آهي، ياد رهي ته گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ سني اتحاد ڪونسل جي مخصوص سيٽن بابت ڪيس جي ٻڌڻي مڪمل ٿي وئي هئي جنهن کان پوءِ فيصلو محفوظ ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو