مخصوص سيٽن تي حلف، حڪومت جو سپريم ڪورٽ وڃڻ جو فيصلو

پشاور: (ويب ڊيسڪ) مخصوص سيٽن تي حلف کڻڻ جي حڪم خلاف خيبرپختونخواهه حڪومت سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. خيبرپختونخواهه اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ ۽ مخصوص سيٽن تي حلف جي معاملي تي صوبائي حڪومت عدالت سڳوري وڃڻ جو فيصلو ڪري ورتو. انهي سلسلي ۾ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اڄ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرڻ جو امڪان آهي.صوبائي ڪابينه سرڪوليشن سمري ذريعي سپريم ڪورٽ وڃڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. صوبائي حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي تائين پختونخواهه اسيمبلي جو اجلاس نه گهرايو ويندو. ياد رهي ته پشاور هاءِ ڪورٽ وڏي وزير ۽ ڪابينه کي 14 ڏينهن جي اندر اجلاس گهرائڻ جو حڪم ڏنو هو ۽ مخصوص سيٽن تي عورتن ۽ اقليتي اميدوارن کان حلف وٺڻ جي هدايت ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو