مخدوم جميل جو احترام ڪريان ٿو پر سندس راءِ سان اختلاف اٿم

مخدوم جميل جو احترام ڪريان ٿو پر سندس راءِ سان اختلاف اٿم

مٽياري (ن س)مخدوم جميل الزمان جي سنڌ ۾ بدامني واري بيان تي وڏي وزير مراد علي شاهه پهريون ردعمل ڏنو آهي وڏي وزير ڀٽ شاهه ۾ لاکيڻي لطيف جي درگاهه تي حاضري بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مخدوم جميل الزمان جو احترام ڪيان ٿو پر سندس راءِ سان اختلاف ڪيان ٿو، سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال اڳ جي ڀيٽ ۾ گهڻي بهتر آهي هن چيو ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيمز ۾ اڌ تائين گهٽتائي اچي چڪي آهي، پهرين ماڻهو پاڻ ڌاڙيلن وٽ اغوا ٿيڻ ويندا هئا، هاڻي ڌاڙيل ايڏا سوڙها ٿيا آهن جو هاڻي ٻرن مان ٻاهر نڪري پوليس چوڪين تي حملا ڪن ٿا ۽ غريب ماڻهو اغوا ڪن ٿا مراد علي شاهه چيو ته رينجرز ۽ فوج جي اڳ به مدد وٺندا رهيا آهيون، ڌاڙيلن کي جلد جهنم اماڻينداسين، سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال ملڪ جي ٻئي ڪنهن به علائقي کان گهٽ محفوظ نه آهي،وڏي وزير مراد علي شاهه جي پنجاب حڪومت کانپوءِ وفاقي سرڪار تي به سخت تنقيد، ڀٽ شاهه ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته وفاقي سرڪار سنڌ ۾ ڪو به موٽر وي تعمير نه ڪيو آهي، سمورا روڊ سنڌ سرڪار پاڻ تعمير ڪرائي رهي آهي،هن چيو ته لاهور مان آيل پنجاب جي صحافين به سنڌ جي روڊن جي واکاڻ ڪئي، ٻوڏ جي صورتحال ۾ سنڌ ۾ اسان جي سڀ کان وڏي ڪمزوري آر بي او ڊي آهي، آر بي او ڊي جي تعمير وفاقي سرڪار جي ذميواري آهي پنهنجي وزير کي چيو آهي ته آر بي او ڊي تي ڪم ڪرايو اسان ان خرچ جو بل وفاق کان اوڳاڙينداسين، بلاول ڀٽو زرداري اڄ وزيراعظم سان ملاقات دوران به سنڌ جي مسئلن تي آواز اٿاريندو

پهنجو تبصرو موڪليو