محسن نقوي 5 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي چين روانو

لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جو نگران وڏو وزير محسن نقوي وفد سان گڏ چين جي 5 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي روانو ٿي ويو.لاهور ايئرپورٽ تي چين جي قائم مقام قونصل جنرل محسن نقوي کي الوداع ڪيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته وڏي وزير جو چين جو دورو گڏيل سهڪار جي فروغ لاءِ اهم ثابت ٿيندو.صوبائي وزير ايس ايم تنوير، عامر مير، سيد اظفر علي ناصر، ابراهيم حسن مراد، چيف سيڪريٽري ۽ ناڻي وارو سيڪريٽري پڻ پنجاب جي نگران وڏي وزير سان گڏ آهن.وڏو وزير محسن نقوي چين ۾ واپاري برادري، سيڙپڪاري ڪمپنين جي اعليٰ عملدارن ۽ صنعتڪارن سان ملاقات ڪندو.هو زراعت، آئي ٽي ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ لاءِ چيني عملدارن سان ملاقاتون پڻ ڪندو. ان حوالي سان محسن نقوي جو چوڻ آهي ته چين جو دورو پنجاب جي عوام کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪندو.هن اهو پڻ چيو ته چين هميشه هڪ مخلص دوست جي حيثيت سان ڪم ڪيو آهي، ان دوري جا فوري ۽ پائيدار نتيجا ڪڍڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو