محرم سڪيورٽي ،11 انتهائي،13 حساس امام بارگاھون قرار

دادو(ن س)دادو ۾ محرم الحرام جا سڪيورٽي انتظام مڪمل،ايس ايس پي دادو ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادو پاران محرم الحرام ۾ سڪيورٽي جا انتظام مڪمل ڪري ورتا آھن،مجموعي طور تي دادو ضلعي ۾ 42 امام بارگاھون آھن جن مان 11 انتھائي حساس، 13 حساس ۽ 18 نارمل امام بارگاھون آھن ضلعي ۾ 333 مجلسون منقعد ٿينديون جن مان 95 مجلسون انتھائي حساس، 99 حساس ۽ 139 نارمل مجسلون آھن ضلعي ۾ 3000 ھزار کان وڌيڪ پوليس آفيسر ۽ اھلڪار پنھنجا فرض سرانجام ڏيندا جڏھن تہ ھنگامي صورتحال کي منھن ڏيڻ لاء 200 اھلڪارن تي مشتمل اسپيشل ٽيم کي ڪنھن بہ اڻوڻندڙ واقعي کي منھن ڏيڻ لاء تيار رھڻ جا حڪم جاري ڪيا آھن مجلسن ۽ ماتمي جلوسن جي گذر گاھن تي بم ڊسپوزل ٽيمون پڻ سخت چيڪنگ ڪنديون 9 ۽ 10 تي سادن ڪپڙن ۾ پوليس جا جوان ۽ حساس ادارن جا عملدارن پڻ مشڪوڪ حرڪتن تي نظر رکندا

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو