محرم دوران اجازت کانسواءِ جلسن ۽ جلوسن تي پابندي لاڳو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ محرم الحرام دوران اجازت کانسواءِ جلوس ۽ جلوس ڪڍڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.سنڌ جي گهرو کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پهرين محرم کان 10 محرم تائين پابندي لاڳو هوندي.سنڌ جي گهرو کاتي جو چوڻ آهي ته 9 ۽ 10 محرم تي موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي هوندي.نوٽيفڪيشن ۾ اهو به چيو ويو آهي ته محرم الحرام دوران هٿيارن جي نمائش ۽ ڊرونز جي اڏام تي به پابندي هوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو