مبينا ڪارنهن جي الزام هيٺ ٻن ڌرين جو جهيڙو، 4 ڄڻا زخمي

مبينا ڪارنهن جي الزام هيٺ ٻن ڌرين جو جهيڙو، 4 ڄڻا زخمي

اوٻاوڙو (ن س)اوٻاوڙو لڳ ڳوٺ جنگل ملڪ ۾ مبينا ڪارنهن الزام تان چاچڙ ۽ گولاٽا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو هوائي فائرنگ جهيڙي دوران لٺين ۽ ڪهاڙين جو آزادانه استعمال ڪيو ويو جتي هڪ ڌر ڳولاٺا برادري جا چار ماڻهون زخمي ٿي پيا،زخمين ۾ سهراب گولاٽو علي داد گولاٽو,علي محمد گولاٽو ۽ ٻيا آهن پوليس پهچي زخمين کي کڻي سيول اسپتال اوٻاوڙو پهچايو ويو گولاٽا برادري جو چوڻ هو ته چاچڙ برادري جي آغو چاچڙ ۽ شير چاچڙ وارن اسان مٿان ڪارنهن جو الزام هڻي اسان جي گهر تي حملو ڪري هڪ عورت ۽ ٻن ٽن ٻارڙن کي به اغوا ڪري کڻي ويا آهن ۽ اسان جا ماڻهون زخمي به ڪري ويا آهن هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي اوٻاوڙو پوليس ٻڌايو ته عورت ۽ ٻارڙا اغو ٿيل واپس ڪرائي ورتا آهن زخمين جو علاج ڪرايو پيو وڃين ۽ وڌيڪ جهيڙي کي ڪنٽرول ڪري ورتو آهي ,هوڏانهن چاچڙ برادري جو موقف سامهون نه اچي سگهيو زريعن مان معلوم ٿيو آهي ته چاچڙ برادري جي ناري اڄ صبح جو گولاٽا برادري جو نوجوان چاچڙ برادري جي ناري کي پسند جي پرڻي تان گهران ڪڊي ويو آهي جنهن تان هي جهيڙو ٿيو آهي جڏهن ته پوليس پاران اهڙي ڪابه ڳاله سامهون نه آندي وئي آهي

پهنجو تبصرو موڪليو