ملير (ن س) شاهه لطيف ٽائون پوليس ۽ ڦورن ۾ مبينا مقابلو، ٻه جوابدار مارجي ويا، هڪ ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب، تفصيل موجب شاهه لطيف ٽائون پوليس دعوي ڪئي آهي ته منزل پمپ ويجهو ڦورو شهري کان ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته پوليس ۽ ڦورن ۾ مقابلو ٿي پيو آمھون سامھون سڌي فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 جوابدار مارجي ويا جڏهن ته سندن هڪ ساٿي جيڪو موٽر سائيڪل تي سوار هو ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جوابدارن وٽان غير قانوني هٿيار، گوليون، موبائل فونون، ڦر ڪيل رقم ۽ موٽر سائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي، جوابدارن جا مڙهه اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن ۽ سندن فرار ساٿي جي ڳولا جاري آهي، پوليس پاران ضابطي جي ڪارروائي ڪندي، جوابدارن جو ڪرمنل ريڪارڊ پڻ چيڪ ڪيو پيو وڃي.










