ماڙي ۽ ڪويت فارين پيٽروليم وچ ۾ معاهدن تي صحيحون

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ملڪ ۾ تيل ۽ گئس جي پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ نمايان ترقي ٿي آهي.ماري پيٽروليم ۽ ڪويت فارين پيٽروليم ايڪسپلوريشن ڪمپني جي وچ ۾ هڪ ايم او يو تي صحيحون ڪيون ويون.ماري پيٽروليم جي بيان موجب ڪويت جي پرڏيهي پيٽروليم ايڪسپلوريشن ڪمپني پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪندي ۽ ٻئي ڪمپنيون پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ چونڊيل بلاڪن ۾ گڏجي ڪم ڪنديون.بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٻئي ڪمپنيون چونڊيل ملڪن ۾ تيل ۽ گئس جي ڳولا لاءِ گڏيل مطالعو ڪندا.بيان ۾ اهو به چيو ويو ته ٻنهي ڪمپنين جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ ٽيڪنيڪل صلاحيتن ۽ معلومات جي حصيداري تي به اتفاق ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو