مانسهرا ۾ مسافر وين سان حادثو، عورتن سميت 6 ڄڻا فوت

مانسهرا (ويب ڊيسڪ) مانسهرا ڀرسان مسافر وين کاهيءَ ۾ ڪِرڻ سان ٻه عورتن سميت 6 مسافر فوت ٿي ويا.ريسڪيو موجب حادثو هزارا ايڪسپريس وي تي هاٿي ميرا ڀرسان پيش آيو، الائي تعلقي مان مانسهرا ويندڙ مسافر وين ٽائر نڪرڻ سبب پل تان کاهي ڪِري، حادثي ۾ ٻن عورتن سميت 6 ڄڻا فوت ٿي ويا.اختيارين ٻڌايو ته حادثي جي نتيجي ۾ ٻن عورتن سميت 10 مسافر زخمي به ٿيا، جن کي اسپتال نيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو