ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)بينڪ آف پاڪستان پنهنجي مالي پاليسي جو اعلان ڪندي سود جي شرح 11 سيڪڙو تي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان (ايس بي پي) شرح سود ۾ ڪا به تبديلي نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ياد رهي ته ان کان اڳ اسٽيٽ بينڪ 5 مئي تي شرح سود ۾ 100 بيسس پوائنٽس يا هڪ سيڪڙو گهٽتائي جو فيصلو ڪيو هو، جنهن کان پوءِ شرح سود 12 سيڪڙو کان گهٽجي 11 سيڪڙو ٿي وئي هئي.










