بجيٽ پيش، دفاعي خرچن لاءِ 2,550 ارب رپيا مختص،پگھار ۽ پينشن  ۾ واڌ

بجيٽ پيش، دفاعي خرچن لاءِ 2,550 ارب رپيا مختص،پگھار ۽ پينشن ۾ واڌ

اسلام آباد (رپورٽ اياز مھر ) وفاقي حڪومت 175 کربن کان وڌيڪ (17 هزار 573 اربن) جي بجيٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏي.ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب بجيٽ تقرير ڪندي چيو ته مالي سال 26-2025 لاءِ اقتصادي ترقي جي شرح 4.2 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي، مهانگائي جي شرح 7.5 سيڪڙو، بجيٽ خسارو جي ڊي پي جو 3.9 سيڪڙو، پرائمري سرپلس جي ڊي پي جو 2.4 سيڪڙو هوندو.وفاقي بجيٽ ۾ ايف بي آر جي اوڳاڙين جو ڪاٿو 14 هزار 131 ارب رپيا آهي، ان کانسواءِ دفاعي بجيٽ لاءِ 2559 ارب رپيا رکيا ويا آهن، وفاقي حڪومت جي خالص آمدني 11 هزار 72 ارب رپيا هوندي، جڏهن ته وفاقي حڪومت جي ڪُل خرچن جو ڪاٿو 17 هزار 573 ارب رپيا آهي، پبلڪ سيڪٽر ڊيولپمينٽ پروگرام لاءِ هڪ هزار ارب رپين جي بجيٽ رکي وئي آهي. بجيٽ ۾ پگهارن ۾ 10 ۽ پينشن ۾ 7 سيڪڙو واڌ جي تجويز ڏني وئي، جڏهن ته پگهارن تي انڪم ٽيڪس جي شرح ۾ گٽتائي ڪئي وئي آهي. ناڻي واري وزير چيو ته 6 لک رپين کان 12 لک رپين تائين سالياني پگهار کڻندڙن لاءِ ٽيڪس جي شرح 5 سيڪڙو مان گهٽائي 2.5 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. اهڙي ريت 12 لک سالياني آمدني واري پگهادارن تي ٽيڪس جي رقم کي 30 هزارن مان گهٽائي 6 هزار ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. جيڪي ماڻهو 22 لک رپين تائين سالياني پگهار کڻندا آهن، انهن لاءِ گهٽ کان گهٽ ٽيڪس جي شرح 15 سيڪڙو بدران 11 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. 22 لک رپين کان 32 لک رپيا ساليانو پگهار کڻندڙن لاءِ ٽيڪس جي شرح 25 سيڪڙو مان گهٽائي 23 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. بجيٽ ۾ ملڪيت جي خريداري تي ود هولڊنگ ٽيڪس جي شرح 4 سيڪڙو مان گهٽائي 2.5 سيڪڙو ۽ 3.5 مان گهٽائي 2 سيڪڙو ۽ 3 سيڪڙو مان گهٽائي 1.5 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. اهڙي ريت ڪمرشل ملڪيتن، پلاٽن ۽ گهرن جي منتقلي تي گذريل سال لاڳو ڪئي ويندڙ 7 سيڪڙو تائين فيڊرل ايڪسائز ڊيوٽي ختم ڪرڻ جي به تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته اسلام آباد ۾ ملڪيت جي خريداري تي اسٽامپ پيپر ڊيوٽي 4 مان گهٽائي هڪ سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب بجيٽ پيش ڪندي چيو ته سولر پينل جي درآمد تي 18 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته درآمد ٿيل ۽ مقامي طور تي تيار ڪيل سولر پينل وچ ۾ مسابقت ۾ برابري يقيني بڻائڻ لاءِ تجويز آهي ته سولر پينل جي درآمد تي 18 سيڪڙو جي شرح سان ٽيڪس لاڳو ڪيو وڃي. سندس چوڻ هو ته اهو قدم پاڪستان ۾ سولر پينل جي مقامي صنعت کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. شريڪ حيات جي لاڏاڻي کانپوءِ فيملي پينشن جو مدو 10 سالن تائين محدود ڪيو ويو. ناڻي واري وفاقي وزير بجيٽ تقرير ۾ ٻڌايو ته گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پينشن اسڪيم ۾ ايگزيڪيوٽو آرڊر ذريعي تبديليون ڪيون ويون، جنهن سبب سرڪاري ناڻي تي بار وڌيو، پينشن اسڪيم کي درست ڪرڻ ۽ سرڪاري ناڻي تي بار گهٽائڻ لاءِ حڪومت پينشن اسڪيم ۾ سڌارا ڪيا آهن. هن ٻڌايو ته پينشن اسڪيم ۾ جيڪي سڌارا ڪيا ويا آهن، انهن ۾ وقت کان اڳ رٽائرمينٽ جي حوصلا شڪني ۽ پينشن ۾ واڌ ڪنزيومر پرائس انڊيڪس سان جوڙي وئي آهي. سندس چوڻ هو ته شريڪ حيات جي لاڏاڻي کانپوءِ فيملي پينشن جو مدو 10 سالن تائين محدود ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هڪ کان وڌيڪ پينشنز جو خاتمو ڪيو ويو آهي، رٽائرمينٽ کانپوءِ ٻيهر ملازمت جي صورت ۾ پينشن يا پگهار مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻي پوندي. وفاقي بجيٽ ۾ 850 سي سي تائين جي ننڍين گاڏين تي 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب موجب ان قدم جو مقصد پيٽرول، ڊيزل ۽ هائبرڊ گاڏين تي سيلز ٽيڪس ۾ هڪ جهڙائي آڻڻ آهي. بجيٽ ۾ غير رجسٽرڊ ڪاروبار خلاف سخت قدمن جو به اعلان ڪيو ويو آهي. غير رجسٽرڊ ڪاروبار ڪندڙن جا بينڪ اڪائونٽ منجمد ڪيا ويندا ۽ انهن جي ملڪيت جي منتقلي تي پابندي هوندي، جڏهن ته سنگين ڏوهن جي صورت ۾ ڪاروباري هنڌ سيل ۽ سامان ضبط ڪري سگهبو پر لاڳاپيل ڌر کي 30 ڏينهن اندر اپيل جو حق حاصل هوندو.

دفاعي بجيٽ ۾ 20 سيڪڙو واڌ جي تجويز
نئين مالي سال دفاعي بجيٽ لاءِ 20 سيڪڙو واڌ سان 2550 ارب رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز آهي. واضح رهي ته گذريل سال دفاعي بجيٽ ۾ 18 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي هئي. ناڻي واري وزير چيو ته ملڪي دفاع حڪومت جي اهم ترجيح آهي ۽ ان قومي فرض لاءِ ٻه هزار 550 ارب رپيا فراهم ڪيا ويندا.

850 سي سي تائين ننڍين گاڏين تي 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لڳائڻ جي تجويز
وفاقي بجيٽ ۾ 850 سي سي تائين جي ننڍين گاڏين تي 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب موجب ان قدم جو مقصد پيٽرول، ڊيزل ۽ هائبرڊ گاڏين تي سيلز ٽيڪس ۾ هڪ جهڙائي آڻڻ آهي. بجيٽ ۾ غير رجسٽرڊ ڪاروبار خلاف سخت قدمن جو به اعلان ڪيو ويو آهي. غير رجسٽرڊ ڪاروبار ڪندڙن جا بينڪ اڪائونٽ منجمد ڪيا ويندا ۽ انهن جي ملڪيت جي منتقلي تي پابندي هوندي، جڏهن ته سنگين ڏوهن جي صورت ۾ ڪاروباري هنڌ سيل ۽ سامان ضبط ڪري سگهبو پر لاڳاپيل ڌر کي 30 ڏينهن اندر اپيل جو حق حاصل هوندو.

وفاقي بجيٽ پيش ڪرڻ دوران اپوزيشن جو احتجاج، ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون
قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ پيش ڪرڻ دوران اپوزيشن سخت احتجاج ڪيو. ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب طرفان بجيٽ پيش ڪرڻ دوران اپوزيشن جماعت تحريڪ انصاف سخت احتجاج ڪيو ۽ نعرا هڻندي بجيٽ دستاويز جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون. پي ٽي آءِ ميمبرن وزيراعظم شهباز شريف جي سيٽ ڀرسان گڏ ٿي نعرا هنيا، هنن چيو ته هن حڪومت وٽ بجيٽ پيش ڪرڻ جو اختيار ناهي ۽ اسان آءِ ايم ايف جي بجيٽ کي تسليم نٿا ڪيون.

يوٿ اسڪل ڊيولپمينٽ پروگرام تحت 4.3 ارب رپيا مختص، سنڌ ۾ 8 نوان آءِ ٽي سينٽر قائم ڪرڻ جو فيصلو
بجيٽ ۾ يوٿ اسڪل ڊيولپمينٽ پروگرام تحت 4.3 ارب رپيا مختص ڪيا ويا. بجيٽ تقرير ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته وزيراعظم يوٿ اسڪل ڊيولپمينٽ پروگرام تحت 4.3 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن، ان پروگرام تحت هڪ لک 61 هزار 500 نوجوانن کي فني تربيت ڏني ويندي، جن ۾ 56 هزار کي آءِ ٽي، 64 هزار کي انڊسٽريل ٽريڊز ۽ 49 هزار کي روايتي ٽريڊز ۾ تربيت ڏني ويندي، انهن مان اڍائي هزار نوجوانن جو واسطو فاٽا جي نون ضم ٿيل ضلعن سان هوندو. سنڌ جي شهري علائقن ۾ 8 نوان آءِ ٽي ٽريننگ سينٽر قائم ڪيا ويندا ته جيئن مقامي ۽ عالمي سطح تي آءِ ٽي گريجوئيٽس جون ملازمتون حاصل ڪرڻ جي صلاحيت کي بهتر بڻائي سگهجي.

بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي فنڊ ۾ وڏي واڌ
وفاقي بجيٽ ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي فنڊ ۾ وڏي واڌ جي تجويز ڏني وئي. ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو ته بينظير انڪم سپورٽ گرام تحت گذريل سال 592 ارب رپيا رکيا ويا هئا، ايندڙ مالي سال لاءِ ان کي وڌائي 716 ارب رپيا ڪيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته اڳ ۾ ان پروگرام مان 99 لک خاندان فائدو کڻندا هئا، هن سال هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ خاندان فائدو کڻندا.

وفاقي حڪومت 40 هزار جايون ختم ڪري ڇڏيون
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته وفاقي ڪابينا سرڪاري کاتن ۾ 40 هزار خالي جاين کي ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. بجيٽ تقرير ڪندي محمد اورنگزيب چيو ته هيل تائين ڪابينا 10 وزارتن جي رائيٽ سائزنگ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، انهن وزارتن کي يا ته ٻين وزارتن ۾ ضم ڪيو ويندو يا رائيٽ سائزنگ ڪئي ويندي. هن چيو ته هيل تائين 45 ڪمپنين ۽ ادارن کي پرائيويٽائز يا انهن ۾ رائيٽ سائزنگ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، وفاقي ڪابينا انهن وزارتن ۽ کاتن ۾ موجود 40 هزار خالي جاين کي ختم ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو