مارفاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو 2 ڄڻا قتل

مارفاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو 2 ڄڻا قتل

شڪارپور: ( ن س) شڪارپور ۾ قبيلائي تڪرار تان جهيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ مارفاڻي برادري جا ٻه ڄڻا قتل ٿي ويا. شڪارپور ضلعي ۾ قبيلائي دهشتگردي جو هڪ ٻيو واقعو پيش آيو آھي. ڳڙھي ياسين واسي علي نواز مارفاڻي ۽ مولا بخش مارفاڻي جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ پراڻي خوني تڪرار تان فائرنگ جي نتيجي ۾ مولا بخش مارفاڻي ڌر جا ٻه ڄڻا قتل ٿي ويا آھن. تفصيل موجب اسٽورگنج ٿاڻي جي حد تاج سي اين جي وٽ نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪري ڪريم بخش مارفاڻي ۽ احسان الله مارفاڻي کي قتل ڪري ڇڏيو. واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويا. ياد رهي ته ڪجهه سال اڳ علي نواز مارفاڻي جي ڌر جو چڱو مڙس سومر مارفاڻي ڳڙھي ياسين ڀرسان ٿرڙي اسٽاپ تي قتل ٿيو هو. پوليس ذريعن موجب اڄوڪو واقعو انھيءَ قتل جي پلاند ۾ پيش آيو آھي. واقعي بعد علائقي ۾ خوف حراس پکڙجي ويو آھي. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا آھن ۽ جاچ شروع ڪري ڏني آھي. علائقي واسين ايس ايس پي شڪارپور کان مطالبو ڪيو آھي ته پراڻي تڪرار جي خاتمي لاءِ جرڳو ڪوٺائي جوابدارن کي فوري گرفتار ڪري وڌيڪ رتوڇاڻ جو سلسلو بند ڪرايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو