دهشتگردن جي فائرنگ ۾ ڊي ايس پي ۽ اهلڪار شهيد

دهشتگردن جي فائرنگ ۾ ڊي ايس پي ۽ اهلڪار شهيد

لڪي مروت (ويب ڊيسڪ)لڪي مروت ۾ منجولا چوڪ وٽ دهشتگردن پوليس جي گاڏي تي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ڊي ايس پي گل محمد خان ۽ هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو.پوليس موجب دهشتگردن جي فائرنگ ۾ هڪ پوليس اهلڪار پڻ زخمي ٿي پيو، جنهن کي نورنگ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي کانپوءِ پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي ۽ علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو