ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي لياري مارڪيٽ ۾ رهائشي عمارت مان 4 عورتن جا لاش ملڻ بعد گهر جي سربراهه ۽ ٻن پٽن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.گذريل رات رهائشي عمارت جي ستين ماڙ فليٽ مان 13 ورهين جي ڇوڪري سميت 4 عورتن جا لاش هٿ آيا.هوڏانهن رات دير سان گهر پهتو ته گهر جي مختلف ڪمرن مان سندس زال، ڌيءُ، نياڻي ۽ ناني جا لاش پيل هئا.پوليس لاش کڻائي سول اسپتال پهچايو ۽ گهر مان شاهديون گڏ ڪيون.حراست ۾ وٺڻ کان اڳ گهر جي سربراهه فاروق ٻڌايو ته مان ۽ منهنجا ٻه پٽ جڏهن واپس گهر پهتاسين ته گهر تي چڙهائي ڪئي. گهر مان سندس زال، ڌيءُ، نياڻي ۽ ننهن جا لاش هٿ آيا.پوليس موجب واقعي وقت گهر ۾ عورت ئي موجود هئي، گهر جو سربراهه فاروق ۽ هڪ پٽ ڍورن جو ڪاروبار ڪري رهيا آهن.فوتين ۾ 13 ورهين جي علينا، 18 ورهين جي مديحا، 19 ورهين جي عائشه ۽ 51 ورهين جي شهناز شامل آهن.پوليس جو چوڻ آهي ته قتل ۾ هڪ جوابدار ملوث آهي يا هڪ کان وڌيڪ؟ ان سلسلي ۾ جاچ ڪئي پئي وڃي، پر قاتل هٿيار کڻي فرار ٿي ويو آهي.پوليس موجب، پاسي ۾ لڳل ڪيمرائن جا فوٽيج به حاصل ڪيا پيا وڃن.










